پاڪستانسنڌ

دادو ۾ جوان ڇوڪري اغوا، پنجاب واسي تي ڪيس داخل

دادو: دادو شهر جي موندرناڪي جي رهواسڻ ڇوڪري مبينا اغوا ٿي وئي، پوليس پنجاب واسي نوجوان تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. شهر جي موندر ناڪي جي رهواسڻ 16 سالن جي نشا ڌي احسان چانڊيو مبينا اغوا ٿي وئي، نينگري جي والد احسان چانڊيو احتجاج ڪندي دانهيو ته 2 هفتا اڳ پنجاب جي رحيم يار خان جو رهواسي طارق محمود 4 نامعلوم هٿياربندن سان گڏ گهر تي چڙهائي ڪري ڌي نشا کي اغوا ڪري ويو آهي، واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه پئي وٺي. هن مطالبو ڪيو ته آئي ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو معاملي جو نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڏيارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button