ناول شرڌا ديويءَ جي ڊگھي ۽ خوبصورت قصي کانپوءِ وري موٽي نئريٽو ۽ نئريٽي يعني راوي ۽ قصھ ٻڌندڙن ڏانھن موٽي ٿو جنھن ۾ ڪافي آتم ڪٿائي ڳالھيون اچي ٿيون، جيڪي بظاھر تھ راويءَ جون ڳالھيون آھن جيڪو ڪردار بھ آھي پر ساڳئي وقت اھو نئريٽو ناول نگار جو بھ محسوس ٿيندو آھي. ان سان گڏ نئريٽي جو ردعمل بھ سامھون اچي ويندو آھي، جيڪو متوقع ردعمل ٿي سگھي ٿو يا اظھار جي آزاديءَ جي مد ۾ جيڪي رڪاوٽون ھونديون آھن، اھي ٻڌايون وينديون آھن. ان کانپوءِ “مينا”، “ھلو ھلي ھارون سان ملون” جون ڪھاڻيون اچن ٿيون. مينا وارو ڀاڱو تھ ذري گھٽ آتم ڪٿائي ڀاڱي جو حصو لڳندو آھي پر ھارون واري ڀاڱي ۾ وري ڪھاڻي نويسيءَ جي پلاٽ ۽ فن تي بيانيو ڏنو ويو آھي جنھن ۾ مختلف زاوين کان ڪھاڻيءَ تي بحث ڪيو وڃي ٿو ۽ مختلف نالن سان سنڌي ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻيڪارن جو تذڪرو ڪيو وڃي ٿو، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي ريت “چپ جي ٻرندڙ وڻ” جو شڪار ھوندا آهن ۽ پوءِ عالمي داستان گوئي جي اھم باب “دنيازاد” ۾ ناول وري بھ ڪھاڻي نويسيءَ جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ ٿيندڙ ڪجھه وارتائن جو ڍڪيل ڇپيل ذڪر ڪري ٿو، جنھن کي انھن واقعن جي پسمنظر رکندڙن کي سمجهھ ايندي، ٻي صورت ۾ پڙھندڙ ھڪڙيون خوبصورت ڪھاڻيون سمجھي لطف وٺندا. آخر ۾ “پسمنظر” واري باب ۾ ڪھاڻي ماضي مان ٽٻي ھڻي مستقبل جي ٽيڪنالاجيءَ جي ڳالهھ ڪري ٿو. ھن ڀاڱي ۾ بھ گذريل ڀاڱن جون ڪھاڻيون بھ علامتي طور موجود ھونديون آھن. پر آخري ڀاڱن ۾ راوي ڪوشش ڪري ڪھاڻيءَ جي راڻي “مينا” کي “چُپ جي ٻرندڙ وڻ” مان بچائي اچي ٿو ۽ ٻرندڙ وڻ تباهه ٿي وڃي ٿو. ھي چُپ جي ٻرندڙ وڻ جي علامت ڪھاڻين تي پيل مختلف بندشن واري علامت آھي جنھن ۾ پلاٽ، ڪھاڻي، اخلاقيات، سياست، سماج يا ٻين طريقن سان جيڪي ڪھاڻيءَ سان جٺيون ٿيون آھن، انھن جي علامت آھي. ڏيکاريو اھو ويو آھي تھ ڪھاڻي نويسيءَ ۾ اظھار جي آزادي يا آرٽ تي بندش جا ڪھڙا روپ ٿي سگھن ٿا ۽ اظھار جي آزاديءَ جي حوالي سان پوسٽ ماڊرن ٽيڪنيڪ استعمال ڪندي ڪيئن ڪھاڻي نويسيءَ کي بچائي سگھجي ٿي. ان جو ھڪڙو مثال ھتي پيش ڪجي ٿو؛
“بٽ…..بٽ…بٽ..” بٽ رڙ ڪري ٽاريءَ تان اڏامي چپ جي ٻرندڙ وڻ جي پاڙ وٽ پھچي ان کي ڪھاڙيءَ جو ڌڪ ھڻي ٿو. چُپ جو ٻرندڙ وڻ لڏي وڃي ٿو ۽ ان مان ڪيتريون ئي زبانون ۽ ھٿ ڇڻي زمين تي ڪرن ٿا، زبانون جيئن ئي زمين تي ڪريون آھن تھ ڳالھائڻ شروع ڪيو اٿن؛ مان وجوديت واري ڪھاڻي ٻڌائينديس….مان نفسياتي ڪھاڻي ٻڌائينديس…مان سائنسي افسانو ٻڌائينديس…”
ايئن اھي زبانون اظھار جون علامتون آھن، جيڪي چپ جي وڻ وٽ قيد ٿيل ھيون جن کي ڪھاڻي ٻڌائڻ جي ڏوهه ۾ وڻ ۾ ٽنگيو ويو ھو. بظاھر تھ اھا ڳالهھ ايئن آھي جو اھڙي ڪا ڳالھه وجود ئي ڪونھ ٿي رکي پر آرٽ تي فتوائن ۽ بندشن اھو لقاءُ جاري ساري ۽ زنده رکيو، جنھن سان فقط آرٽ نھ بلڪه سموري زندگيءَ جي سوچ جو فلسفو بھ متاثر ٿيو آھي. ادب پنھنجي پر ۾ ڪنھن بھ ڳاڙھي يا اڇي جي بندشن يا ڊڪٽيشن جو محتاج نھ ھوندو آھي ۽ ان جو ڪو سماجي ڪارج زبردستي گھڙي نٿو سگھجي، آرٽ نالو ئي آزاديءَ جو آھي جيڪو ھن ناول ۾ ڏيکاريو ويو آھي.
آخري ڳالهھ:
ناول ڪھاڻين جي شھر ۾ اھي سموريون ڪھاڻيون آھن، جيڪي پوسٽ ماڊرن شھر ۾ ھجڻ گھرجن. يعني گليمر کان ويندي سنجيده مزاح کان ويندي طنز تائين سموريون شيون موجود آھن. ناول جي پڙھندڙن کي جيڪڏھن ناول جو سماجي ڪارج يا اخلاقي درس ڳولڻو آھي تھ اھي ھي ناول نھ پڙھن تھ بھتر آھي. ھي ناول آھي جنھن ۾ اظھار جي آزادي پوسٽ ماڊرن ٽيڪنيڪ سان اظھاريل آھي جنھن ۾ اسان جي سماج سان ملندڙ ڪھاڻين يا ناولن جھڙي ڪابھ شيءِ وجود نٿي رکي. بس رڳو قصھ گوئي آھي. ادب براءِ زندگي موجب ھي ناول ڪنھن ڪم جو ناھي جنھن کي پڙھڻ وقت جي زيان جيان آھي، پر جن ماڻھن کي ون ٿائوزنڊ ون نائيٽ، اربين نائيٽس يا جادوئي حقيقت نگاريءَ سان دلچسپي آھي تھ اھي ھن ناول کي سمجھي سگھن ٿا. ڪليم ٻُٽ تي سماج کان ڪٽيل ناول لکڻ جي ڀرپور تنقيد ٿي سگھي ٿي.
(پورو ٿيو)