ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سيوهڻ روڊ حادثو

سنڌ ۾ هڪ پاسي قتل جي واقعن ۾ ماڻهو مري رهيا آهن ته ٻئي پاسي روڊ حادثن ۾ ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو جاري آهي. روڊ حادثا سنڌ ۾ عام جام ٿيندا رهندا آهن پر انهن کي روڪڻ جي ڪا خاص حڪمت عملي ڪونهي، جنهنڪري حادثا تسلسل سان جاري آهن. ڪٿي ڊرائيور جي لاپرواهي سبب حادثا ٿين ٿا ته ڪٿي وري روڊن جي حالت بهتر نه هجڻ ڪري ماڻهو حادثن جو شڪار ٿي مرندا آهن. جڏهن ته محفوظ سفر هر مسافر جو حق آهي. ماڻهو سفر ان ڪري ڪندا آهن ته جيئن اهي پنهنجي منزل تي محفوظ نموني پهچي سگهن ۽ کين ڪنهن به قسم جو نقصان نه رسي پر هيستائين سنڌ ۾ جيڪا حالت نظر اچي رهي آهي، ان ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو ته هتي ڪوبه سفر محفوظ ڪونهي، خاص طور روڊ وارو سفر بنهه گهڻو خطرناڪ آهي. تنهن هوندي به سفر ڪرڻ هر ماڻهوءَ جي مجبوري آهي. ٻه ڏينهن اڳ سن ويجهو هڪ خطرناڪ حادثو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا ڪيترائي ڀاتي مري ويا آهن ۽ زخمي پڻ ٿيا آهن.
سن ويجهو تيز رفتاري سبب ڪوسٽر ٽوڙهي ڦاٽڪ پل وٽ کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن سبب هڪ ئي خاندان جي سکان کڻي ويندڙ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 25 زخمي ٿي پيا. انڊس ها وي تي حيدرآباد کان سيوهڻ ڏانهن ويندڙ تيز رفتار ڪوسٽر پل ٽوڙهي ڦاٽڪ پل تان کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ درگاهه قلندر شھباز جي مزار تي سکان کڻي ويندڙ معصوم ٻارڙن عورتن سميت 6 پانڌيئڙا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. مانجهند ۽ موٽروي پوليس زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي تعلقي اسپتال مانجهند ۽ لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو، مانجهند اسپتال ۾ ھنگامي حالتن جو اعلان ڪندي عيد جي موڪلن تي ويل عملي کي طلب ڪري زخمين جو علاج ڪيو ويو. جڏھن ته 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن جا وارث تعلقي اسپتال مانجهند پهتا ته ڪيهاٽ پئجي ويا. ڪيتريون ئي عورتون زارو قطار روئي بيهوش ٿي ويون. مانجهند اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نديم جتوئي ٻڌايو ته مانجهند ۾ 4 ڄڻن جا لاش آندا ويا آھن، جڏھن ته 2 ڄڻا ڄامشوري ۾ فوت ٿي ويا آھن. هڪ زخمي بابر علي چانڊيي ٻڌايو ته ڊرائيور جي لاپرواهي سبب واقعو پيش آيو. هوڏانهن ايس ايڇ او مانجهند محمد صادق سولنگي ٻڌايو ته ڪوسٽر کي تحويل ۾ وٺي ڪلينر کي حراست ۾ ورتو آھي، جڏھن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو. جيڪڏهن حادثو ڊرائيور جي غفلت سبب ٿيو آهي ته ان کي سزا ضرور ملڻ گهرجي. پر ڇا ان کان اڳ ٿيندڙ حادثن جي باري ۾ ڪا بهتر جاچ ڪئي وئي آهي، جنهن وسيلي حادثي جي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ جتي ڊرائيورن جي غفلت آهي، اتي روڊ کاتي تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهو روڊن جي حالت کي بهتر ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button