اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

سياسي بحران جي حل لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن اڳواڻن وچ ۾ ملاقات

اسلام آباد/پشاور : ملڪ ۾ هلندڙ سياسي بحران جي حل لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ غير رسمي ملاقات ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسيمبلين جي بحاليءَ لاءِ ڳالهين جي راهه هموار ڪئي ويندي. ايڪسپريس نيوز موجب وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ جي گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ پهتا، جتي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن وچ ۾ غير رسمي ملاقات پڻ ٿي. حڪومتي وفد پي ٽي آءِ صدر چوڌري پرويز الاهي سان به ڀاڪر پائي مليا ۽ بحران جو حل ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن جي ڳالهين ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪي پي اسيمبلي جي بحالي سان به بحران حل ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ٻئي اسيمبليون بحال ٿيون ته ڳالهين جي ميز تي ويهڻ جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو. ٻنهي ڌرين ان تجويز تي غور ڪيو ۽ ڳالهين جي ميز تي ويهي مسئلا حل ڪرڻ تي زور ڏنو. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته اسان اوهان سان رابطي ۾ آهيون، ٻڌو آهي ته پي ٽي آءِ مذاڪراتي ڪميٽي جا نالا تبديل ڪري ڇڏيا آهن. ان موقعي تي پرويز الاهي چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي نگران حڪومتن جو مدو ختم ٿيڻ بعد عدالت ۾ درخواستون داخل ڪيون پيون وڃن، سموريون پارٽيون سپريم ڪورٽ جو احترام ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button