سنڌ

ملڪ ۾ جڊيشل مارشل لا لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي:شرجيل ميمڻ

سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر عارف علوي جي ٽياڪڙي ۾ عمران خان ۽ جنرل باجوا جي گڏجاڻي تي عدليا کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ثاقب نثار تحريڪ انصاف جي ٽائيگر فورس جي ڪارڪن جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو انصاف جا بخيا اڊيڙي نظام تي سواليا نشان بڻيل آهن، عمران خان ٻن صوبن جون اسيمبليون ٽوڙڻ جو غير آئيني حڪم قبول ڪيو، ملڪ ڪنهن به قسم جي مارشل لا کي برداشت نٿو ڪري سگهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ فرد ناهي، اهي سمورا ماڻهو آهن، جيڪي هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل آهن، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي. صوبائي وزير چيو ته هڪ ڪلاڪ اندر قانون کي معطل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو اڃا قانون ٺهيو ئي ناهي، اهو به چيو ويندو آهي ته سمورا فيصلا چيف جسٽس ڪندو، روزانو نيون آڊيو ليڪس اچي رهيون آهن، ڪجهه فيصلا ذاتي پسند ۽ ڪجهه ڊڪٽيشن تي ٿيا هئا، ڇا ثاقب نثار جا ڪيل فيصلا واپس نه ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته ايوان صدر ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي آرمي چيف سان ملاقات ڪرائي وئي، آگسٽ ۾ عمران خان جي ايوان صدر ۾ جنرل باوجوا سان ملاقات ٿي هئي. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پهريان فوج ۽ عدليا کي بدنام ڪيو، هاڻي مُلڪ جي پويان پيئجي ويو آهي. صوبائي وزير وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڇا ايوان صدر سازشن جو ڳڙهه بڻجي ويو هو ته يا اڄ تائين ائين هلي رهيو آهي، آگسٽ کان اڳ عمران خان جنرل باجوا تي الزام لڳائي چڪو هو، ان شخص فوج ۽ عدليا کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي ملڪ کي نشانو بڻائي رهيو آهي. سڌ سماءَ واري وزير آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته عدالتن ۾ مخالفن پٽڪا لاٿا ويا، ڇا اڳوڻي چيف جسٽس جا فيصلا واپس نه وٺڻ گهرجن، اڳوڻي چيف جسٽس پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي. شرجيل ميمڻ چيو ته اهي ڪير آهن جيڪي سياسي پارٽين کي ڳالهين جو حڪم ڏين، اهي سمورا حڪم غير آئيني ۽ غير قانوني آهن، ملڪ ۾ جڊيشل مارشل لا لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمران خان اڳي ئي ڪٺ پتلي هو، اڳ ڪنهن ٻئي جي آڱرين تي نچندو هو، هاڻي هو ڪنهن ٻئي جي آڱرين تي نچڻ ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان جي بيان تي سوموٽو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button