پنجاب ۾ چونڊون هڪ اهڙو چيلينج بڻجي ويون آهن جهڙو اڳ ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿيو آهي. اهڙو ڪو مثال ئي موجود ناهي، جڏهن حڪومت عدليا جي آڏو ايتري سرڪشيءَ سان سياسي چالون هلي ۽ هن جي حڪم کان صاف لفظن ۾ انڪار ڪري.
وفاقي حڪومت انڪار جي اها واٽ ڇو ورتي آهي؟ جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي وزير اعظم به گهر ڀيڙا ٿيندا رهيا آهن. گهر ڀيڙا ته خير پر اسان ملڪ جي سڀ کان مشهور ۽ مقبول وزير اعظم کي ڦاسيءَ جي تختي تي به ڏسي چڪا آهيون. عدليا سدائين آخري لائين رهي آهي ۽ ڪو چونڊيل حڪمران ته ڇا پر اڻ چونڊيل آمر به عدليا سان ان قسم جو رويو اختيار ڪرڻ جي همت نه ٿي ڪري سگهيو. جنهن ان قسم جي حرڪت ڪئي، ان جي نه صرف حڪومت هلي وئي پر هن جو موت به ملڪ کان ٻاهر ٿيو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته عدليا سان اٽڪڻ جو مطلب اهو آهي ته اوهان رياست جي روح سان اٽڪو ٿا ۽ ان ۾ ڪنهن جي به ڀلائي نه آهي. پر هيءَ حڪومت ان قسم جو قدم کڻڻ ۾ ڪنهن به قسم جو خوف محسوس نه ٿي ڪري ته ان جا بنيادي طور تي ٽي سبب آهن. اهي ٽيئي سبب ايترا ته پڪا ۽ پختا آهن جو حڪومت کي اها همت ٿي آهي جو هوءَ عدليا جي حڪم تي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏي.
عدالت جو حڪم نه مڃڻ جو پهريون سبب اهو آهي ته هيءَ حڪومت پنهنجو وقت پورو ڪرڻ واري آهي. جيڪڏهن چونڊون مئي جي مهيني ۾ نه ٿيون ٿين ته آڪٽوبر جي ڳالهه ته بار بار حڪومت به ڪري رهي آهي. حڪومت کي پنهنجي وڃڻ جو ڪو خوف ناهي. ان جي ابتڙ هوءَ چاهي ٿي ته جيڪڏهن عدليا جي هٿان هن کي آخري وقت ۾ گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ته ايندڙ چونڊن ۾ هو مظلوم هجڻ جي دعويٰ ڪري عوام کان ووٽ وٺندي. حڪومت جي نه ڊڄڻ جو ٻيون سبب اهو آهي ته ڪجهه وقت کان پوءِ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس تبديل ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري حڪمرانن کي اهو ڊپ ناهي ته ايندڙ وقت ۾ هو ساڳي چيف جسٽس کان ڪنهن سزا کي ڀوڳي سگهن. ٽيون سبب اهو آهي ته هن وقت عدليا ۾ سمورا منصف هڪ پيج تي موجود ناهن. ان ڪري حڪومت کي اها همت ٿي آهي ته هوءَ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم کي تسليم ڪرڻ بدران سياسي داءَ استعمال ڪري رهي آهي.
حڪومت جو اهو رويو ملڪي مفاد ۾ آهي يا نه؟ ان سوال جو ڪهڙو جواب ڏجي؟ پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته حڪومت جيڪو ڪجهه به ڪري رهي آهي، ان سان ملڪ ۾ هڪ اهڙو مثال قائم ٿي رهيو آهي، جيڪو مجموعي طور تي ملڪ جي مفاد ۾ ناهي. ڇو ته فرد اچڻا وڃڻا آهن. اصل ڳالهه ادارن جي آهي. جيڪڏهن انصاف جي اداري کي ڪمزور ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ هن وقت ته عمران خان سپريم ڪورٽ جي هر فيصلي تي فدا آهي. هو عدليا کي جمهوريت جي آخري اميد قرار ڏئي رهيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته سپريم ڪورٽ جا اڪثر فيصلا حڪومت جي حق ۾ ناهن ۽ انهن فيصلن جي صورت ۾ جهڙي طرح عمران خان کي فائدو ملي رهيو آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي ساراهه ڇو نه ڪندو؟ پر جنهن ڏينهن عمران خان جي مفادن مٿان عدليا جي لت آئي ته اهوئي عمران خان اهڙي واٽ به وٺي سگهي ٿو، جهڙي واٽ هن وقت حڪومت اختيار ڪري ويٺي آهي.
پنجاب ۾ چونڊون ٿينديون يا نه ٿينديون؟ ان سوال جو هڪ جواب اهو آهي ته پنجاب ۾ چونڊون بلڪل ٿينديون پر اهي مئي جي مهيني ۾ ٿينديون يا نه؟ ان سلسلي ۾ وڏي ڇڪتاڻ آهي. ڇو ته ملڪ جو آئين واضح ۽ صاف لفظن ۾ چئي رهيو آهي ته اسيمبليون ٽٽڻ جي 90 ڏينهن کان پوءِ چونڊون هر حالت ۾ ٿيڻيون آهن. جيڪڏهن هيءَ حڪومت نئون قانون جوڙي ٿي ۽ اهو قانون آئين جو حصو بڻجي ٿو ته پوءِ اهو ممڪن آهي ته چونڊون پوئتي ڪيون وڃن. پر هن حڪومت ۾ ايتري عددي قوت ناهي جو اها اهڙي قانون سازي ڪري سگهي جيڪا آئين جو حصو بڻجي سگهي. ٻيو ته ملڪ جو صدر اڳ واٽ حڪومت تي ڏمريون ويٺو آهي ۽ هو حڪومت جي اڪثر قدمن جي بنهه به خوش ناهي. هن جو خيال آهي ته حڪومت آئين جي مطابق نه ٿي هلي. جڏهن ته حڪومت جو صدر تي الزام آهي ته هو ملڪ جو صدر بڻجي هلڻ بدران عمران خان جو حامي ٿي هلي رهيو آهي. عمران خان هن کي صدر بڻايو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صرف علوي عمران خان کان تمام گهڻو متاثر به آهي پر سوال وري به اهو آهي ته هن مهل تائين آزاد ذريعن ۽ حلقن مان ڪنهن به صدر جي مٿان تنقيد نه ڪئي آهي. حڪومت چاهي ٿي ته هن کي کليل آزادي ملي.
حڪومت جي اهڙي اعتماد بلڪه بي پرواهيءَ جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته حڪومت کي ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو واضح طور تي آشيرواد حاصل آهي. عمران خان جي طرف هن مهل ڪجهه ڪجهه مايوسي آهي. عمران خان کي عوام جي حمايت آهي پر صرف عوام جي حمايت ڪافي نه هوندي آهي ۽ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ته عوام جي حمايت وارا حڪمران اسان جيلن، جلاوطنين ۽ ڦاسين تي ڏٺا آهن. ان ڪري عمران خان کي منڍ کان وٺي اهو معلوم رهيو آهي ته جيڪڏهن هن جي مٿان اسٽيبلشمينٽ جو هٿ هوندو ته هو ڪاميابيءَ سان حڪومت حاصل به ڪري سگهندو ۽ حڪومت هلائي به سگهندو. ڇو ته عمران خان جي سلسلي ۾ هاڻي اهو راز نه رهيو آهي ته هن کي ان منزل تائين پهچائڻ وارا هٿ ڪهڙا هئا؟ عمران خان کي حڪمران بڻائڻ وار هٿ ئي هئا، جن بعد ۾ هن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي سلسلي ۾ فيصلاڪن ڪردار ادا ڪيو. اهوئي سبب آهي ته حڪومت کان محروم ٿيڻ بعد عمران خان مستقل طور تي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجو نشانو بڻائيندو رهيو آهي. هو اڳوڻي آرمي چيف جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چوندو رهيو آهي اهو ته رڪارڊ تي آهي پر هو موجوده اسٽيبلشمينٽ جي قوت مٿان به تنقيد ڪرڻ کان باز نه ٿو اچي ۽ ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هن کي اقتدار ۾ آڻي ۽ اقتدار تان هٽائڻ واري قوت کي هو ڪنهن به طور تي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. هو وري ان قوت سان ٺهڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. هن هڪ ڀيرو نه پر اڪيچار دفعا پنهنجين تقريرن ۽ بيانن ۾ چيو آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ٺهڻ لاءِ تيار ناهي.
پاڪستان جو اصل مسئلو اهو آهي ته اسان جا سياستدان اصولن تي هلڻ بدران ان راهه تي هلڻ چاهين ٿا، جنهن تي هلي انهن کي جلد اقتدار حاصل ٿي سگهي. هو اصولن جا نه پر اقتدار جا ديوانا آهن. انهن جي لاءِ هر شيءَ اقتدار آهي. اهو اقتدار انهن کي اصولن کان ايترو گهڻو دور ڪري چڪو آهي. اها دوري گهٽجڻ بدران اڃان وڌيڪ وڌندي نظر اچي رهي آهي.