رانديون

سلو اوور ريٽ، ويرات ڪوهلي تي 82 لک رپيا ڏنڊ لاڳو

مبئي: انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم رائل چيلنجرز جي عبوري ڪپتان ويرات ڪوهلي تي 82 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ويرات ڪوهلي تي اهو ڏنڊ گذريل ڏينهن آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز خلاف ميچ ۾ سلو اوور ريٽ سبب لڳايو ويو آهي. آءِ پي ايل اختيارين جو چوڻ آهي ته ويرات ڪوهلي تي 2 ڏهائي 4 ملين ڀارتي رپيا (8 ڏهائي 2 ملين پاڪستاني رپيا کان وڌيڪ) ڏنڊ لڳايو ويو آهي. جڏهن ته رائل چيلنجرز ٽيم جي هر رانديگر کي ميچ في جو 25 سيڪڙو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button