رانديون

اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر مچل جانسن جي اوپنر ڊيوڊ وارنر جي زال تي تنقيد

برسبين: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر مچل جانسن اوپنر ڊيوڊ وارنر جي زال ڪينڊائيس تي تنقيد ڪئي آهي. هو ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي مڙس جي حمايت ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا خلاف ڳالهائڻ تي سرخين ۾ آهي پر سندس ڪجهه تبصرن اڳوڻي فاسٽ بالر مچل جانسن کي ناراض ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪالم ۾ ڪينڊائيس تي تنقيد ڪندي لکيو ته اسان سڀ هڪ اوپنر طور وارنر جي شاندار ڪيريئر کي تسليم ڪريون ٿا پر هاڻوڪي دور ۾ سندس فارم هڪ جهڙو ناهي رهيو.

ڪينڊائيس ميڊيا ۾ پنهنجي مڙس جو دفاع ڪندي چيو ته جيڪڏهن وارنر پهرين ٽيسٽ ۾ پرفارم نه ڪيو ته سليڪٽر سندس جاءِ تي ڪير آڻيندو؟ مون کي سندس دليل پسند نه ٿا اچن، جيڪڏهن رانديگرن کي صرف گذريل ڪاميابين تي پرکيو وڃي ته پوءِ به ڊينس للي اسان جي ٽيم لاءِ اوپننگ ڪندو يا رڪي پونٽنگ ون ڊائون کيڏندو، اهو ضدي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button