سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالر پرابٿ جئي سوريا ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ 71 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق بالر پرابٿ جئي سوريا آئرلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن تي پال اسٽرلنگ کي آئوٽ ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 50 وڪيٽن جو هدف پورو ڪري اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ اهو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي الف ويلنٽائين وٽ هو، جنهن ڪجهه ئي ميچن ۾ 50 وڪيٽون وٺي رڪارڊ ٺاهيو هو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ جئي سوريا 7 ٽيسٽ ۾ اهو هدف ماڻيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close