رانديون

آئرش بيٽنگ ناڪام، سريلنڪا اننگز ۽ 10 رنسن تان ٻي ٽيسٽ بھ کٽي ورتي

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ۾ بھ آئرلينڊ کي اننگز ۽ 10 رنسن تان شڪست ڏئي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق گالي ۾ ٻي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي رميش مينڊ 5 شڪار ڪيا، جنهن بعد آئرلينڊ جي سڄي 202 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، اينڊريو بالبرني جي 46 ۽ هيري ٽيڪٽر جي 85 رنسن واري وڏي ڀائيواري بعد باقي بيٽر ڪريز تي بيهي نھ سگهيا، جن ۾ لورڪن ٽڪر 13، ڪرٽس ڪيمفر 12 ۽ اينڊي مڪ برائين 10 رنسون ٺاهي سگهيا، پر پال اسٽرلنگ سميت باقي بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ آئوٽ ٿيندا ويا. سريلنڪا جي بالرن مان پرابٿ جئي سوريا مجموي طور 7، رميش مينڊس 6 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن بيٽر ڪوشل مينڊس 385 رنسن تي پليئر آف سيريز ۽ پرابٿ جئي سوريا 7 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنا ويا آهن. ٽيسٽ ميچ ۾ آئرلينڊ پهرين اننگز ۾ 492 ۽ ٻي اننگز ۾ 202 رنسون ڪيون. سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 3 وڪيٽن تي 704 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button