پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ٻن جوابدارن کي قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدار کي ڦاھي جي سزا ۽ 10-10 لک رپيا ڏنڊ ڀرڻ جو فيصلو ٻڌايو. 9 مهينا اڳ دلبر مهر ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل نوجوان احمد علي مري جي قتل جو ڪيس مقتول جي ڀا محبوب الزمان مري جي فرياد تي ٻن جوابدارن قاسم ۽ سليم مري مٿان دلبر مھر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو، جنهن ڪيس جو ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ گذريل ڏينهن فيصلو ٻڌائيندي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قاسم مري ۽ سليم مري کي ڦاھي جي سزا سميت 10-10 لک رپيا ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته جوابدار ضمانت نھ ٿيڻ سبب اڳ ئي جيل ۾ ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button