پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ 15 ڏينهن کان پيئڻ جو پاڻي بند، شهري پريشان

جهڏو: جهڏي ۾ پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي سبب 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب اڪثر علائقن حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، عابد ڪالوني، کوسا پاڙي، علي ڪو هائوسنگ سوسائٽي ۽ مراد شاھه درگاهه پاڙي سميت ڪيترن ئي علائقن جا رهواسي پريشان آهن. ان سلسلي ۾ شهرين رميش ڪمار، محمد اشرف، ارباب علي، نياز کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا اسان جي علائقن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي، گرمي ۾ پاڻي بند هجڻ سبب عذاب ۾ اچي ويا آهيون. پبلڪ هيلٿ ۽ واٽر سپلائي انتظاميا اسان جو پاڻي سرعام ٽئنڪر مافیيا سان ملي ڪري وڪرو ڪري رهي آهي. واٽر سپلائي جي تلائن تي ٽئنڪرن جون قطارون لڳل آهن، ٽئنڪر مافيا شهرين کي 2 هزار کان 25 سئو رپين ۾ پاڻي جو ٽئنڪر وڪرو ڪري پئي، جيڪو ظلم آهي. هنن ڪمشنر ۽ ڊي سي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واٽر سپلائي ۽ پبلڪ هيلٿ عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button