پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر لڳ 3 سال اڳ پرڻيل جوان ڇوڪري جو کوهه مان لاش هٿ

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ کيپوڙا ۾ 22 سالن جي ڪملا زال لوڻو ميگهواڙ جو کوهه مان لاش هٿ آيو. نوجوان ناري ڪملا ٻني پوکڻ خاطر پهنجي مڙس سميت عارضي طور ڳوٺ کيپوڙا ۾ ترسيل ھئي، ناري ٻني جي پوکائي لا کوٽيل کوھه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. ڳوٺاڻن لاش کوھه مان ٻاھر ڪڍيو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته کوھه ۾ ڪرڻ سان ناري جي مٿي ۾ ڌڪ لڳو ۽ سندس مٿو ڦاٽي پيو ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، پوليس اطلاع تي پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ننگرپارڪر آندو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته ناري جي 3 سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ کيس اولاد نه ھو، اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان رهندي هئي ۽ هن دلبرداشته ٿي آپگھات ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button