پاڪستانسنڌ

چوٽياريون ۾ هڪ ٻار جي ما جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

چوٽياريون: چوٽياريون ويجهو هڪ ٻار جي ما جو گهر مان ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو. ڳوٺ سھراب شاھه ۾ هڪ ٻار جي ما 25 ورهين جي ميرزادي زال رشيد شاھه جو لاش گهر ۾ ڦاهو کاڌل لاش مليو، اطلاع تي چوٽياريون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سانگهڙ سول اسپتال پهچايو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري لاش ڪيترائي ڪلاڪ پيل رهيو. فوتي عورت جي پي فيض محمد شاهھ الزام لڳائيندي چيو ته ڌي تي سندس مڙس تشدد ڪندو هو، جنهن سبب نياڻي ڦاھو کائي ڇڏيو. ٻئي پاسي عورت جو مڙس فرار ٿي ويو. 4 ڪلاڪن بعد پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس رابطي تي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته عورت خودڪشي ڪئي آھي يا کيس قتل ڪيو ويو آھي. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button