ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لينن، ميڪسم گورڪي ۽ سوشلسٽ حقيقت نگاري

لينن ۽ گورڪي ٻئي پنهنجي جاءِ تي بلند ۽ بيمثال انفراديت رکن ٿا. ٻنهيءَ جون پنهنجون پنهنجون ضرورتن ۽ جذبن جون دنيائون آهن. اهي ٻئي هڪٻئي کي پنهنجي پنهنجي فڪر جي دولت ۾ شامل ڪري سگهندا هئا، هر وقت، بحث ڪري سگهندا هئا، هڪٻئي کان قائل ٿي سگهندا هئا يا اختلاف ڪري سگهندا هئا.
اسان اندازو هڻي سگهون ٿا ته لينن ڪيڏي احتياط سان گورڪيءَ جي مدد ڪئي ته هو پنهنجي “ديوتا جي ڳولها” ڇڏي ڏيئي. انقلابي هارين ۾ کيس جيڪو اعتماد نه هو اهو پيدا ٿيو ۽ ان گورک ڌنڌي مان نڪتو جنهن کي لينن “سياسي ور وڪڙ” چوندو هو ۽ جنهن ۾ گورڪي ڪڏهن ڪڏهن ڀٽڪي ويندو هو، لينن جو مقصد اهو هو ته هيءَ عظيم اديب پنهنجو رستو ڳولي وٺي ۽ اهڙي نموني پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي عوام سان گڏ رهي. ان کان سواءِ هن لاءِ پاڻ پنهنجن عقيدن تي پڪي اعتماد سان گڏوگڏ عظيم اديب جي ڏاهپ ۽ عارضي خوشفهمين مان نڪري اچڻ واري ان جي صلاحيت تي اعتماد جي ضرورت هئي. ڪڏهن ڪڏهن گورڪيءَ کي ڏاڍو سخت غور فڪر ڪرڻو پوندو هو، ۽ گهڻي دير کان پوءِ هو لينن سان سهمت ٿي سگهندو هو. انهن ڳالهين جي اسان کي لينن ۽ گورڪي ٻنهيءَ جي خطن، يادگيرين ۽ مضمونن مان سڌ پئي ٿي. پر ٻنهين وچ ۾ سمورن اختلافن باوجود انقلاب جي سچائي، لينن ۽ سوشلزم جي سچائي گورڪيءَ کي قائل ڪري وڌو. ڇاڪاڻ ته جيستائين سوال بنيادي شين جو هو ته انقلابي اديب ۽ انقلابي اڳواڻ ٻنهيءَ جي ذهنن ۾ هڪ ئي خيال هوندو هو ته نجات حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ عوام جي سٺي نموني خدمت ڪري سگهجي ٿي.
لينن ۾ گورڪيءَ کي هڪ قدآور سياستدان ۽ فلسفي، هڪ انتهائي گهڻ رخي ۽ دلچسپ شخصيت نظر آئي جنهن ۾ زبردست تخليقي قوت هئي. گورڪيءَ کي منجهس اهي خوبيون نظر آيون جيڪي کيس پاڻ تمام گهڻيون پياريون هيون. جن کي هو ٻين ۾ ڳوليندو هو پر اڪثر کيس اهي نظر نه اينديون هيون. گورڪي لينن جي جيڪا تصوير ٺاهي آهي، ان جو رستو پاويل ولاسوف، استييان ڪتوزوف ۽ بعد ۾ ربانين جهڙن ڪردارن ۾ واضح ٿي چڪو هو. لينن بابت گورڪيءَ جو يادگيرين جو ڪتاب پڙهي اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته سندس دل ۾ ان عظيم شخصيت جو ڪيڏو قدر هو.
انهن صفحن تي گورڪيءَ لينن جي جيڪا تصوير ٺاهي آهي ان سان هڪ عظيم ۽ ان سان گڏ هڪ دلچسپ انسان جي صورت اڀري ٿي. پنجين ڪانگريس کي خطاب ڪندي لينن جو هن جيڪو خاڪو پيش ڪيو آهي ان ۾ کيس سندس شخصيت ۽ هٿن جي اشارن ۾ ڪلاسيڪي آرٽ جي ڪجهه عظمت نظر آئي. پر هن ان عظمت جي ڪا اهڙي تصوير ناهي جوڙي جيڪا سڀ کان ڌار ۽ بي تعلق هجي. هن ان تصوير ۾ انتهائي گهرا انساني رنگ ڀريا آهن. لينن روسي پورهيت عورتن جي روزاني زندگيءَ ۾ دلچسپي وٺي ٿو. جڏهن هو گورڪيءَ جي هوٽل جي ڪمري ۾ ڀنل چادر ڏسي ٿو ته لينن کي اهو خيال پريشان ڪري ٿو ته گورڪي ڪٿي بيمار نه ٿي پئي. شايد تاريخ لينن جي “فرمانبردار” ان لاءِ هئي جو منجهس هڪ ئي وقت اها صلاحيت هئي جو انسانيت جي وڏن وڏن مسئلن ۽ ماڻهن جي ننڍڙين ننڍڙين ضرورتن تي ڌيان ڏئي سگهي!
مزدور لينن بابت چوندا هئا ته هو سچ جيان ڏيکا کان پاڪ آهي ۽ گورڪي اسان کي ٻڌايو آهي ته جڏهن هو ماڻهن کي خطاب ڪندو هو ۽ ساڻن چٽيون ڳالهيون ڪندو هو ته سندس لفظن سان پاڻ سچائي واضح تصوير بڻجي ويندي هئي.
لينن سمجهندو هو ته بدبختي زندگيءَ جو اٽل اصول ڪونهي. هو مصيبتن کان نفرت ڪندو هو ۽ انساني خوشيءَ لاءِ جدوجهد ڪندو هو. گورڪي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته “سندس ڪردار ۾ مان ان بنيادي لاڙي کي ماديت پسند جي پرجوش اميد پرستيءَ سان ڀيٽندس” ۽ اڳيان هلي هن لکيو ته “لينن جي اها ئي خاصيت کيس ڏاڍي وڻي.” لينن بابت هن چيو هو ته هو هر لحاظ کان هڪ وڏو ماڻهو آهي.” گورڪي لينن جي جيڪا قلمي تصوير ڪڍي آهي ان ۾ تاريخ، سچائي ۽ انساني خاڪن جو مڪمل عڪس ملي ٿو.
لينن جو مضمون “پارٽي تنظيم ۽ پارٽي ادب” 1905 ۾ ڇپيو، جنهن کي گورڪي ڏاڍي شوق سان پڙهندو هو. لينن جي ان مضمون ۾ فني تخليق جي ڪوششن جي جستجوءَ ۾ بنيادي طور نوان رستا واضح ڪيا ويا آهن.
ادب ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اصولن جي وضاحت ڪندي لينن گڏيل پورهيت آدرش ڏانهن اشارو ڪيو جيڪو آدرش جي ٻين پاسن مثال طور سياست، فلسفي، اخلاقيات وغيره سان واڳيل آهي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button