ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچي ايڪسپريس حادثو

ملڪ ۾ لاڳيتو حادثا ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهن ته اسان جا ادارا ڪيتري بدنظميءَ جو شڪار آهن. ادارن کي ڪهڙي ريت ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي جو روڊن، رستن ۽ ريلوي ۾ سفر ڪندڙ مسافر موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن. جڏهن ته سفري سهولتن کي آسان بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيون وينديون آهن پر اسان وٽ هر قسم جو سفر ڄڻ موت ڏانهن سفر هوندو آهي. ملڪ ۾ ريلوي ٽرين جا حادثا به معمول بڻيل آهن. جڏهن به ان قسم جو ڪو حادثو ٿيندو آهي ته ان عيوض وارثن کي هڪ خاص رقم ڏني ويندي آهي ۽ ڪا جاچ ڪميٽي جوڙي ويندي آهي پر ذميواري قبول ڪونه ڪئي ويندي آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي حڪمت اختيار ڪئي ويندي آهي، جنهن وسيلي حادثن کان بچي سگهجي.
پنجاب ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي کي باهھ وڪوڙي وئي، مسافرن ۾ ڪيھاٽ، پنڊي واسي ھڪ ئي خاندان جي 5 ڀاتين سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار. تفصيل موجب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي بوگي نمبر 17 کي اوچتو باهھ وڪوڙي وئي، جنھن سبب ٽرين جي مسافرن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا. جڏهن ته بوگي ۾ سوار پنڊي جي رھواسڻ 70 ورھين جي رابعه خوف وچان ھلندڙ ٽرين مان ٽپو ڏنو، جنھن سبب سخت زخمي ٿي پئي ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. ٽنڊو مستي جي علائقي فتح پور ڀرسان 436/5 ڪلوميٽر تي جھنگ ۾ ٽرين بيھڻ بعد عملي ۽ ماڻھن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. اطلاع تي فائر برگيڊ جون گاڏيون به پھتيون. ريسڪيو وارن متاثر بوگيءَ کي ڪٽي ملبي مان وڌيڪ سڙيل لاش ڪڍيا پر سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ٻارن سميت فوتي ٿي ويل 7 مسافرن جا لاش خيرپور سول اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيا ويا. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڊي اين اي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا. اطلاع تي پاڪ فوج جي جوانن پھچي ريسڪيو عمل ۾ حصو ورتو. ٻِئي پاسي ڊي ايس ريلوي سکر سميت ڊي سي خيرپور ڪيترائي ڪلاڪن کانپوءِ پھتا. ھوڏانھن ريلوي انتظاميا اپ ريلوي ٽريڪ 6 ڪلاڪن کانپوءِ بحال ڪيو. 70 ورهين جي عورت رابعه بي بي پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ متاثر گاڏي مان ٽپو ڏنو، جيڪا سخت زخمي ٿي فوت ٿي وئي آهي. ريلوي وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق سڙيل گاڏي مان هڪ مرد ۽ چئن ٻارڙن جا لاش مليا آهن. فوتي چئن ٻارڙن ۽ عورت جو تعلق هڪ ئي خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ خطرناڪ حادثو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، پر هاڻ ريلوي کاتي جي اها ذميواري بڻجي ٿي ته اها ريلوي جي سفر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي ۽ ان کانسواءِ حادثي جي شڪار ٿيلن جي وارثن کي رڳو پئسا ڏئي ٽارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي پر هاڻوڪي حادثي جي جاچ ڪري اهو پتو لڳايو وڃي ته اهو حادثو ڇو پيش آيو ۽ ان جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ريلوي واري وزارت شفاف جاچ ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button