رانديون

ٽي 20 ليگز خطرو بڻجي ويون، عالمي ڪرڪيٽ بچائڻ لاءِ آئي سي سي سرگرم

آئي سي سي ٽي 20 ليگز جي وڌندڙ اثرن سبب عالمي ڪرڪيٽ کي خطرا هجڻ جي خدشن بعد عالمي ڪرڪيٽ کي بچائڻ ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي ٽي 20 ليگز جي وڌندڙ اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽھ رڪني ورڪنگ گروپ بھ قائم ڪري ورتو، جيڪو گذريل سال ٿيل اجلاس ۾ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ورڪنگ گروپ ۾ سي اي او نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ڊيوڊ وائيٽ، وسيم خان ۽ ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ جو مبشر عثماني ميمبر طور کنيا ويا آهن، جن کي عالمي ڪرڪيٽ بچائڻ جو اهم ٽاسڪ حوالي ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ جولائي ۾ رٿيل آئي سي سي اجلاس ۾ معاملن تي غور ويچار ٿيندو، جنهن ۾ ورڪنگ گروپ عالمي ڪرڪيٽ کي لاڳو خطرن، چيلنجز ۽ فيوچر ٽوئرز بابت بريفنگ ڏيندو. ذريعن اهو پڻ ٻڌايو تھ آمريڪا ۾ ٽي 20 ليگ جي اعلان بعد سعودي ليگ امير ترين هجڻ جي خدشي سميت ميمبر ملڪن ۾ آمدني وڌائڻ خاطر  ليگ وڌي ويل رجحانن تي فيصلا متوقع آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button