ڪجهه ڏينهن اڳ عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس آرٽ ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي. اُن ڪانفرنس اسان شاگردن توڙي عام ماڻهن کي سنڌي ٻولي سميت ٻين ٻولين کي سمجهڻ ۽ سکڻ جو اعليٰ ۽ سنهري موقعو فراهم ڪيو. ڪانفرنس ۾ آيل سمورن اديبن، شاعرن، ليکڪن، مُحققن ۽ استادن پنهنجي پنهنجي علم آڌار اسان کي آسان طريقي سان سمجهائيندي سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت بابت ليڪچر پڻ ڏنا.
سنڌي ٻولي بابت ٻڌايو ويو ته سنڌي ٻولي ھڪ امر ۽ انتهائي آڳاٽي ٻولي آھي. سنڌي ٻوليءَ سان سنڌي قوم جو ھڪ گهرو لاڳاپو رهيو آھي. ان ڪري سنڌي قوم جا ڪونڌر پُٽ پنھنجي قومي ٻوليءَ سان ڏاڍو پيار ڪندا آھن. سنڌي ماڻهو دنيا جي ڪھڙي به ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ رھن پر پنهنجي ٻوليءَ کي ڪڏھن به وساري نٿا سگهن. سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي وجود کان جُدا ڪرڻ يا وسارڻ اُنهن لاءِ ناممڪن آھي. ڇو ته ٻولي ھر قوم جي نه رڳو سڃاڻپ آهي پر اُن جو بقا به هوندي آهي، جنهن سان ڌرتيءَ جي گولي تي ماڻهو ڄاتو ۽ سُڃاتو به ويندو آهي ته ان ئي ٻوليءَ ۾ محبت ۽ نفرت جو اظهار ڪرڻ سان گڏ خواب به ڏسندو آهي. جنھن قوم وٽ ٻولي ناھي ان قوم جو ڪو به وجود ناھي، ڇاڪاڻ ھر ٻولي پنھنجي قوم جي رھڻي ڪهڻي، ڪلچر ۽ تهذيب جي عڪاسي ڪندي آهي. ان کي گڏ کڻي هلندي آهي ائين سمجهو اهي سڀ شيون هڪ مڪمل قوم جا پير آهن، جنهن سان قومون سفر ڪندي پنهنجي پيرن جا نشان ڇڏي وينديون آهن. ھر ٻولي پنهنجي قوم ۽ سماج ۾ ئي زندهه رھي سگھي ٿي ڪا به ٻولي پنھنجي قوم ۽ سماج سندس ڳالهائيندڙ کانسواءِ زندهه نٿي رھي سگهي! جيسين تائين ڪنهن قوم ۾ ھڪ فرد به اھا ٻولي ڳلھائيندڙ ھوندو اُن ٻوليءَ کي زندهه ٻولي تسليم ڪيو ويندو آهي. اسان کي اديبن، محققن، شاعرن ۽ استادن وڌيڪ ٻڌايو ته جيئن جيئن اسان جي روزمره جي ڪاروهنوار ۾ تبديلي ايندي، تيئن اسان جي ٻوليءَ ۾ به تبديلي ايندي رهندي. ٻوليون ڪيترن ئي لهجن سان ڳالھايون وڃن ٿيون. مٿي چئي آئي آهيان ته هر قوم جي سُڃاڻپ اُن جي ٻولي ھوندي آھي ۽ ان ٻوليءَ مان ئي ماڻھن جي لهجي ۽ مزاج جي خبر پوندي آھي. تنهنڪري نه رڳو ساڳي ٻولي ڳالھائيندڙ ٻين قبيلن جي ماڻھن سان ٻوليءَ جي ڪري سُٺا لڳاپا جڙي ويندا آھن پر ٻين قومن سان به واسطا ۽ رابطا مضبوط ٿي ويندا آهن
“آمريڪي ڏاهي ۽ علم السان جي مشهور ”بلوم فيلڊ“ جو چوڻ آھي ته قوم جو ٺهڻ ۽ ڊھڻ به ٻوليءَ جي عمل تي آڌاريل هوندو آھي”.
مون ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو آھي ته ھر ڪا ٻولي انساني سماج ۽ ثقافت کي زندهه رکڻ جو واحد وسيلو آھي. يعني ٻولي کانسواءِ انساني زندگيءَ جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته ھر ٻولي پنھنجي قوم لاءِ ھڪ آرسي وانگر ھوندي آھي، جنهن مان اُن قوم جي تهذيب توڙي ثقافت جو عڪس نمايان نظر ايندو آھي.
سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ڦير گهير ڪيئن ٿو اچي؟ سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان لفظ ڪيئن ٿا جنم وٺن ۽ اُنھن جا تلفظ/ اُچار ڇو مَٽيل ھوندا آهن؟ ۽ ٻولين ۾ مٺاس، ڪڙاڻ ۽ نرم لهجو ڪيئن پيدا ٿيندو آھي؟
مون جيترو سمجهيو آھي، آئون اُن موجب ھن سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديس ته؛
ڪنھن قوم ۾ جاگرافيائي حالتن، ريتن رسمن، سماجي ۽ سياسي حالتن جي بدلجڻ جي ڪري به ٻوليءَ ۾ ڦير اچي سگهي ٿو. ان جو مثال ورهاڱي کان پوءِ اسان جي ٻوليءَ تي ٻاهرين ٻولين جو اثر اوهان کي نظر ايندو. ان ڪري ماڻهن جا اُچار به تبديل ٿي ويا آهن. جيئن لفظ لکيل ھڪڙا ھوندا آھن ۽ ماڻهو انھن جا اچار ٻيا پيا ڪڍندا آھن جھڙوڪ لکيل صورت ۾ (انب، کنڀ، ڏنڀ،) پر پڙھڻ ۾ انھن لفظن جو اچار اھڙي نموني سان ڪڍيو ويندو آھي (امب، کمڀ، ڏمڀ) انھن ئي لفظن جي تلفظن جي ڪري به ٻوليءَ ۾ ڦير ايندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ به نوان لفظ تڏھن جنم وٺندا جڏھن اسان جو ڪنهن ٻي قوم سان واسطو ۽ رابطو ھجي ۽ اھا ئي قوم اسان جي ديس ۾ رھندي ھجي، انھن سان گھڻو متڀيد ھئڻ جي ڪري اسان جي ٻوليءَ تي ٻي قوم جي ٻوليءَ جي لهجي جو اثر ٿيندو ۽ اهڙي ريت نوان لفظ جنم وٺندا ۽ اسان جي ٻوليءَ ۾ ضم ٿي ويندا.
۽ ٻولين ۾ مٺاس، ڪڙاڻ ۽ نرمي به ايئن ئي علائقي جي ماحول مان پيدا ٿيندي آھي. جيئن لاڙي سنڌي ٻولي ۽ اترادي سنڌي ٻوليءَ ۾ مٺاس ۽ ڪڙاڻ جو فرق ھوندو آھي، جيئن اترادي لهجي ۾ (ھيڏي اچ) مطلب اھو جملو رُعب وارو آھي ۽ لاڙي لهجي ۾ (ھيڏانھن اچ) اتي وري اھو جملو مٺاس ۽ نرمي وارو آھي. وري اترادي لهجي ۾ (مان کي خبر آ) ۽ لاڙي لهجي ۾ (مون کي خبر آھي) ته اھڙيءَ ريت ڪيترا ئي اھڙا جملا آھن جن مان اسان کي سختي ۽ نرمي لھجي جي سُڃاڻپ ٿئي ٿي.
۽ سنڌي ٻوليءَ جا ڪجهھ اھڙا لفظ آھن، جيڪي ٻين ٻولين ۾ به ساڳيا لفظ ڳالهايا وڃن ٿا، جيئن (ڀاڙو) لفظ سنڌي ۾، سرائيڪي ۾، بنگالي ۾ ۽ پنجابيءَ ۾ به (ڀاڙو) چيو ۽ ڳالهايو ويندو آھي ۽ ان جي معنيٰ به ساڳي آھي.
اھڙيءَ ريت ڪيترا ئي لفظ ھڪجهڙا مختلف قومن ۾ ڳالھايا وڃن ٿا. ڇو ته سڀ ٻوليون ھڪ ٻئي مان جنم وٺنديون آھن. منھنجي خيال ۾ جيستائين اسان پاڻ پنهنجي ٻوليءَ کي نه ڇڏينداسين، تيستائين اسان مان اسان جي مادري ۽ قومي ٻولي ختم نه ٿيندي. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجن ٻارڙن کي پهرين ڪلاس کان سنڌي پڙهايون، جيئن ٻار جو بنياد پڪو ٿئي. انگريزي به ضروري آهي پر انگريزِي سکڻ لاءِ اسان مختلف ڪورس به ڪري سگهون ٿا. پر جيڪي ٻار شروع کان ئي انگريزيءَ ۾ يا ٻي ڪنھن ٻوليءَ ۾ پڙهن ٿا ته انهن کي سنڌي پڙهڻ ته پري جي ڳالھه پر لکڻ به ناهي ايندي. جڏھن اسان پاڻ پنهنجي ٻوليءَ کي هٿن مان ڪڍون پيا ته ٻين تي ڪھڙي ميار؟ اڄڪلھه اسان بازار توڙي ٻئي پاسي ڪٿي وڃون ٿا ته اسان سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس ٿا ڪريون ۽ لئي سان انگريزي يا ڪا ٻي ڪنهن ڌاري ٻوليءَ ۾ ڳالھايُون ٿا. ٻي ٻولي ڳالھائڻ ۾ ڪو حرج ناهي پر اِھڙيون ٻوليون اُنھن ماڻهن سان ڳالھايو جن کي سنڌي سمجھه ۾ ئي نه اَچي ۽ نه هُو اسان جي ديس ۾ رهي! جيڪڏهن اسان جو اهو ئي سلسلو ھلندو رھيو ته اسان جي ٻولي دفن ٿي ويندي ۽ نيون ٻوليون ۽ لهجا جنم وٺندا. جيڪو اسان جي ٻوليءَ تي غالب پئجي ويندا. اسان نٿا چاهيون ته اسان جي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جو ڪو انت ٿئي، ڇو ته جيڪي ٻوليون دفن ٿي چڪيون آھن، انهن جو ڪو نانءُ نشان ناهي! جڏھن ڪا ٻولي دفن ٿي ويندي آھي ته ان ٻوليءَ سان گڏوگڏ اها سڄي قوم به دفن ٿي ويندي آھي. ان جو مثال سنسڪرت ۽ ان جي ڳالهائيندڙ قوم جو وٺو جيڪا اڄ ڳوليو نٿو ملي.
اهڙين کوڙ ڪارائتين ڳالهين کي ”عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ڪراچي“ ۾ اسان کي سمجهڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ، پاڪستان، فرانس، جرمني، ملائيشيا ۽ مُختلف مُلڪن جي وڏن اسڪالرز، استاد، اديب، شاعر، ٻوليءَ جي ماهرن، صوفين آن لائن ۽ روبرو ليڪچر ڏنا ۽ سَمورن اسان کي بهترين نموني سان ٻولين بابت آگاهه ڪيو. اسان پنهنجن استادن جا وڏا شڪرگذار آهيون، جن اسان کي اهڙو بھترين موقعو ڏئي اسان جي علم ۾ واڌارو ڪيو.