اسلام آبادپاڪستان

صدر نيب ترميمي بِل پارليامينٽ کي ٻيهر غور لاءِ واپس موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد:مملڪتي صدر عارف علوي قومي احتساب بيورو جو ترميمي بِل ٻه هزار ٽيويهه پارليامينٽ کي ٻيهر غور ڪرڻ جي لاءِ واپس موڪلي ڇڏيو.صدر چيو ته قومي احتساب آرڊيننس اڻويهه سئو نوانوي ۾ اڳ ۾ ڪيل ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ آهن، بِل ۽ وزيراعظم جي ايڊوائيس ۾ ان ڳالهه جو حوالو ناهي ڏنو ويو. مملڪتي صدر جو چوڻ آهي ته قومي احتساب آرڊيننس اڻويهه سئو نوانوي ۾ وڌيڪ ترميم تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته وزيراعظم آئين جي آرٽيڪل پنجهتر موجب بل تصديق جي لاءِ مملڪتي صدر ڏانهن اماڻيو هو. صدر مملڪت بِل آئين جي آرٽيڪل پنجهتر ون بي جي تحت بل پارليامينٽ کي واپس موڪلرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button