اسلام آبادپاڪستان

بلاول جي مطالبي تي خنجراب بارڊر سڄو سال کولڻ جي منظوري

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي مطالبي تي چين جي حڪومت خنجراب بارڊر واپار لاءِ سڄو سال کولي رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گلگت بلتستان جي عوام جو پراڻو مطالبو پورو ڪرڻ تي پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صوبائي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ امجد حسين ايڊووڪيٽ بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان خنجراب بارڊر تي واپار شروع ٿي چڪو آهي. ان ڏس ۾ چين پاڪستان مان برآمد ٿيندڙ مختلف شين تان لڳل پابنديون به هٽائي ڇڏيون آهن ۽ پاڪستان مان برآمدات ايڪسپورٽ لاءِ به واپاري دروازا کولي ڇڏيا آهن جنهن سان سڀ واپاري فائدو وٺي سگهندا. گذريل چئن سالن کان پاڪ چين سرحدي واپار بند هو، جنهن جي ڪري واپاري سخت معاشي ڏکيائين جي ور چڙهيل هئا ۽ معيشت تي به ناڪاري اثر پئجي رهيا هئا. جڏهن ته هاڻي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان ڪامياب واپار لاءِ خوشحالي جا نوان دروازا کلندا. بلاول ڀٽو زرداري خنجراب بارڊر تي سڄو سال واپار جاري رهڻ ۽ برآمدي پابنديون ختم ٿيڻ تي گلگت بلتستان جي عوام کي مبارڪ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button