سموري دنيا وانگر پاڪستان اندر به پهرين مئي کي مزدورن جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويو. ان ڏينهن تي مزدورن کان سواءِ باقي هر ڪنهن کي عام موڪل هئي. جيڪڏهن سڄو سال نه تڏهن به مزدورن جي ان عالمي ڏهاڙي تي ان ڳالهه کي ويچارڻ ضروري آهي ته پاڪستان اندر مزدورن ۽ انهن جي جماعتن جي ڪهڙي حالت آهي.
2022 ۾ گلوبل رائيٽس انڊيڪس جي سروي مطابق پاڪستان دنيا جي بدترين ملڪن منجهان هڪ آهي جتي مزدورن جي حقن جي ڪا به ضمانت نه ٿي ڏني وڃي. هن ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 33 لک ٻار پورهيو ڪرڻ لاءِ مجبور آهن. 20 کان 49 سالن جي عورتن منجهان ٽيون حصو 15 سالن کان به ننڍي عمر ۾ پرڻايون ويون هيون. انهن عورتن منجهان 31 سيڪڙو اهڙيون آهن جيڪي شاديءَ وقت 18 سالن کان گھٽ عمر جون هيون. هتي پنجن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن منجهان رڳو 34 سيڪڙو کي ئي سرڪاري رڪارڊ ۾ رجسٽر ڪيو وڃي ٿو. هاڻي انهن ٻارن کي جبري پورهئي يا ٻاراڻي عمر ۾ شادي ڪرڻ کان روڪجي ته ڪهڙي نموني؟ حالانڪه بنيادي انساني حقن منجهان هڪڙو حق اهو به آهي ته نئين ڄاول ٻار کي سرڪاري رڪارڊ ۾ داخل ڪيو وڃي. ٻاراڻي پورهئي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي 2022 ۾ آئي ايل او جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي هئي ان ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان ۾ هر چوٿين گهر ۾ 10 کان 14 سالن جو گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو ٻار جيڪو عام طور تي ڇوڪري هوندي آهي، گهريلو ڪم ڪار لاءِ ملازم طور رکيو ويندو آهي. ان کان علاوه ٻارن جي ڀلائي ۽ تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ بيورو گذريل سال رڳو پنجاب منجهان هڪ هزار ٻارن کي پنڻ واري ڌنڌي منجهان ڪڍيو هو. پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ اندر وڌيڪ ٻارن کان جبري پورهيو ڪرايو وڃي ٿو. سنڌ اندر ٻارن کي رڳو گهريلو ملازم طور ئي نه پر زمين، ڪارخاني، دڪان ۽ ورڪ شاپ وغيره ۾ ڪم سان لڳايو وڃي ٿو. ائين ڪرڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته ٻارَ کان ڪم وڏن وارو يا ڪن صورتن ۾ انهن کان به وڌيڪ ورتو ويندو آهي جڏهن ته کين اجرت ٻارُ سمجهي ڏني ويندي آهي.
مزدورن جون طبقاتي تنظيمون يا ٽريڊ يونينون ڇا هونديون آهن ۽ اهي ڪنديون ڇا آهن؟ سڌريل معاشرن اندر انهن جو ڪم هوندو آهي پيداوار کي بهتر بڻائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ماحول سازگار ڪرڻ. مزدورن ۽ ڪارخانيدارن يا سندن انتظاميا سان وچ واري جو ڪردار ادا ڪندي اهڙو ماحول جوڙڻ جنهن ذريعي مسئلا نبرندا رهن ۽ پيداواري عمل نه رڳو جاري رهي پر بهتر پڻ ٿيندو رهي. پورهيو ڪرڻ لاءِ حالتون سازگار ۽ محفوظ بڻائي سگهجن ٽريڊ يونين جي ڪوشش هوندي آهي ته پورهيت ۽ ملازم محفوظ هجي. سندس مستقبل محفوظ هجي. ڇاڪاڻ ته جيسيتائين ملازم ۽ پورهيت کي تحفظ جو احساس نه ڏياريو ويندو ان وقت تائين اهو دل لڳائي پورهيو نه ڪندو ۽ جيسيتائين بي دليو پورهيو ٿيندو رهندو ان وقت تائين پورهئي جا گهربل نتيجا نه وٺي سگهبا. ان کان علاوه ٽريڊ يونين ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي آهي ته پورهيتن ۽ ملازمن لاءِ نيون نوڪريون پيدا ٿينديون رهن. ڇاڪاڻ ته بيروزگاري تمام گھڻي آهي. آبادي لڳاتار وڌندي رهي ٿي. گهرجون وڌنديون رهن ٿيون ته ظاهر آهي نوڪريون ۽ پگهارون به لڳاتار وڌائڻيون پونديون. جيڪڏهن ائين نه ڪبو ته معاشرو تمام وڏي معاشي اڻ برابريءَ جو شڪار بڻجي ويندو جيئن اسان جي ملڪ اندر آهي. ٿورن لفظن ۾ اهو ته ٽريڊ يونين جو ڪم مزدورن کي مالڪن جي فائدي ۾ ڪم ڪندو رهڻ ۽ مالڪن کي مزدورن ۽ سندن ڪٽنب جو وڌ ۾ وڌ خيال رکڻ لاءِ مجبور ڪرڻ وارو ڪردار هوندو آهي. هاڻي ظاهر آهي مالڪن جو وڌ ۾ وڌ زور ان ڳالهه تي هوندو ته اول ته ٽريڊ يونين هجي ئي نه يعني اهڙي ڪا به باڊي جيڪا کيس مزدورن جي ڀلائي سوچڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي هجي، موجود ئي نه هجي ته جيئن اهو مزدورن جو جيئن وڻيس استحصال ڪندا رهن. جيڪڏهن مالڪ ٽريڊ يونين کي ختم نه ڪرائي سگهندو آهي ته پوءِ سندس ڪوشش هوندي آهي ته اها ٽريڊ يونين سندس کيسي ۾ پيل ڪا شئي بڻجي وڃي يعني نالي ۾ ٽريڊ يونين هجي ته مزدورن جي نمائندا باڊي پر حقيقت ۾ ان جو ڪردار مزدورن کي مالڪ جي حق ۾ پنهنجي سمورن حقن تان هٿ کڻڻ لاءِ آماده ڪندڙ دلال وارو ئي هجي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان اندر ٽريڊ يونين جي اڪثريت اهڙي ئي آهي. پهريان ته هتي جيڪي مزدور ڪارخانن ۽ مختلف کاڻين يا پورهيو خريد ڪندڙ ٻين ادارن اندر پورهيو ڪري رهيا آهن انهن منجهان ٽريڊ يونين سان سلهاڙيل ۽ اتي رجسٽرڊ مزدور هڪ سيڪڙو کان به گھٽ آهن. باقي سمورن مزدورن کي غير رسمي پورهيت يا ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ يا ٺيڪيداري سرشتي هيٺ ڪم ڪندڙ پورهيت چئي 99 سيڪڙو کان وڌيڪ پورهيتن جا حق غصب ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن ڪو مزدور ٽريڊ يونين سان سلهاڙيل آهي ته مينيجمينٽ ان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندي، ان کي نوڪريءَ تان هٽائي ڇڏيندي ۽ مٿس تشدد ڪرڻ کي درست سمجهندي کيس سوڙهو ڪندي آهي ته جيئن اهو يا ته يونين بازي ڇڏي وڃي يا وري ڪارخانو ئي ڇڏي. پاڪستان اندر جيڪڏهن ڪي ٿوريون ٿڪيون ٽريڊ يونين باقي آهن ته اهي سياسي پارٽين جون پورهيت محاذ بڻجي ڪم ڪري رهيون آهن يعني انهن وٽ پنهنجي ڪا ڌار ايجنڊا نه آهي بلڪه اهي پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي احڪامن تي عمل ڪندي اهو ئي ڪري رهيون آهن جيڪو کين ڪرڻ لاءِ پارٽيءَ پاران چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اها سياسي پارٽي اقتدار ۾ به آهي ته پوءِ ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ يا سي بي اي به ان ٽريڊ يونين کي بڻائيندي جيڪا سندس محاذ هوندي. عام طور تي ٽريڊ يونين جي مٿان ٻاهران حملا به ٿيندا رهن ٿا جهڙوڪ مزدور دشمن حڪومتن پاران جوڙيا ويندا ظالماڻا قانون، نجڪاري، سرمائيدارن کي کليل ڇوٽ وغيره پر گڏوگڏ ٽريڊ يونين جي ڪمزوريءَ جا اندروني سبب پڻ آهن جن ۾ پوڙهي ۽ نااهل قيادت، مزدورن جي رنگ، نسل، مذهب ۽ ٻين معاملن تي تقسيم، ڪرپشن جو تمام گھڻو عمل دخل وغيره. ڪارخاني جو مالڪ توڙي سندس اولاد ۽ رشتيدار ائين محسوس ڪرائيندا آهن ڄڻ ملازم ۽ مزدور هڪڙي نڪمي مخلوق آهي.
آخري ڳالهه اها ته ٽريڊ يونينن کي گھرجي ته اهي پاڻ کي وڌ کان وڌ جمهوري بڻائين. يعني تنظيم اندر اصولن جي حڪمراني هئڻ گھرجي ۽ هر سطح تي پابنديءَ سان باقاعدگيءَ سان چونڊون ٿينديون رهن. کين غير رسمي پورهيتن تائين پهچڻ ۽ پنهنجي ميمبر شپ وڌائڻ ڏانهن سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ گھرجي. مزدورن کي نه رڳو پورهيت قانون بابت ڄاڻ ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ گھرجي بلڪ مشينن کي هلائڻ ۽ ڪم ڪار ۾ مهارت پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به تربيتي پروگرام ڪرائڻ گھرجن ته جيئن مالڪن جي نظر ۾ مزدورن جو مُلهه ۽ اهميت وڌي. جنهن جي موٽ ۾ مزدور کي اجرت به وڌيڪ ملي سگهندي.