سدائين جيان ڪالهه شام به آشرم ڏانهن ويندي هُو سوچي رهيو هو ته هن ڀيري جڏهن سندس ملاقات ساڻس ٿيندي ته هِن وٽ اُها آخر ڪهڙي نئين ڳالهه آهي، جيڪا هُو کيس ٻُڌائيندو!؟ ۽ پوءِ وري سوچيائين ته جيڪو لمحو اڃان آيو ئي ناهي، تنهن لاءِ اڳواٽ پريشان ٿيڻ سندس تربيت جي نفي ۾ آهي، تنهن ڪري جڏهن اُها گهڙي ايندي تڏهن ڏِسبو. ايئن سوچي هُو تکيون ٻِرانگهون کڻڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته سِج لٿي کان اول کيس آشرم پهچڻو هو. ان پَنڌ ۾ ايترو سو ضرور ٿيو، جو ساڻس اڳين ملاقات جون ڪجهه ساروڻيون کيس راهه ۾ سامهون اينديون رهيون. هِن کي ياد آئي اها پهرين ڳالهه جيڪا گذريل ملاقات جو ڄڻ ته اصل ڳَر هئي. ڳالهه جيڪا ڪجهه هن ريت هُئي.
….هن سنسار ۾ محفوظ ڪير آهي ۽ جوکم ۾ ڪير؟ انهي سوال جي جواب جو تعين هيستائين هزارين نظريا پنهنجي پنهنجي حساب سان ڪندا پئي آيا آهن ۽ اڄ به سلامتي جي سوال بابت سوين تشريحون جاري و ساري آهن. انهن تشريحن جي تناظر ۾ جنهن کي جيڪا راهه سمجهه ۾ اچي، سا راهه اختيار ڪرڻ جو کيس پُورو پُورو حق آهي. ها باقي آئون جيڪو اويسي اوٽ ۾ رهندڙن سان رهان ٿو، سو توکي فقط ايترو ٻُڌائي ٿو سگهان جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ۽ پنهنجي مشاهدي ۾ پرکيو آهي.
ها ته پوءِ مون اهو ڏٺو آهي ته آديسي آسڻ ۾ ويهي ماٺ مطالعو ڪرڻ وارا هن سنسار جي باري ۾ راڳڻين جي دستور سان ئي سوچين ۽ پرکين ٿا. مون ڏٺو آهي انهن ويراڳين کي، جيڪي جڏهن پنهنجا سدورا ساز ڇيڙيندا آهن، تڏهن ٻُٽ واري مُند ۾ به الائي ڪِٿان اوچتو ٿڌيون هوائون اچي لهنديون آهن. مون انهن کي اڻ مُندائتا مِينهن وسائيندي به ڏٺو آهي ۽ لامڪاني ملاقاتن جون بشارتون ڏيندي پِڻ. ها محبوبن سان اهي اوچتيون ملاقاتون، جن کي عُشاقي جي جهان ۾ عيد کان مٿي سمجهيو ويندو. جيڪڏهن تو وٽ وقت آهي ته هيئن ڪر جو اچي انهن آڌُوتين سان ڪي گهڙيون گهاري ڏِس. ها اُهي آڌوتي، جن جي باري ۾ تو پنهنجي مخصوص حلقي مان اهو ٻُڌو آهي ته اهي ڪنهن به ڪم جا ناهن. اهي آڌُوتي ۽ کاهوڙي جن جون نشانيون سنڌ ديس جي هادي هيئن بيان ڪيون آهن.
سُڪا سَنڊ ڪَڇن ۾، کَرڪڻا پيرين
ٽِمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا!؟
هونئن به ساز، رقص ۽ آواز کان سواءِ باقي سڀ فنا آهي. هڪ مَستان جي پيرن جي ڇير جو واڄو هر عبادتگاهه جي گِهنڊ کان وڌيڪ مُقدس ۽ مفهوم وارو آهي. ها اهي بِرهه جا مَست ۽ مَستان، جيڪي اهو سمجهائين ٿا ته جيڪي ماڻهو سرير جي لذت واري کاهي ۾ ڪِري پوندا آهن، تن کان تخيل جو ڪاپڙي قافلو وڃائجي ويندو آهي. ياد رک!! خوف ۽ لالچ جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ هر لاڳاپو حرام هوندو آهي. سموري سونهن رضا ۾ سمايل آهي. تون ڇڏ فتوابازن کي، اهي مَت مُنڌل اتهاس ۾ اڳي ڪڏهن نِبريا آهن جو هاڻي نِبرندا!؟ تون پنهنجي هِردي ڏانهن ڪَناءِ!! جيڪڏهن تنهنجو هِردو توکي ڪنهن سان رهاڻي ٿيڻ لاءِ هائوڪار ڪري ٿو ته پوءِ اجايو ويهي پنهنجو اهو وقت نه وڃاءِ، جنهن وقت کي اوَتار سمجهيو ويندو آهي. ها لمحو ئي ته آهي هِن سموري سنسار جو خالق. هاڻ اهو فيصلو تون پاڻ ڪر ته تنهنجو لمحو ڪٿان شروع ٿي، ڪٿي ختم ٿئي ٿو.
ها باقي جيڪڏهن تون مون کان پُڇندين ته پوءِ مون کي پنهنجي لمحي جي نه ته اڳياڙي سان ڪا سروڪار آهي ۽ نه ئي ان جي پڇاڙي لاءِ آئون پريشان آهيان. هر گهڙي جيئن گذري رهي آهي، تيئن آئون ان ۾ ايئن ئي آهيان جيئن رَڳُن ۾ ساهه. هاڻ جي تون مون کان پُڇندين ته اهو مون کي ڪنهن سيکاريو آهي ته پوءِ ٻُڌ!! اهو مون کي ڪراڙ ڌڻي جي ڌِيان مان ئي مليو آهي. اهو مڪتب ئي آهي، جنهن جي تعليم نه فقط مون کي پر منهنجي ديس کي به اڄ ڏينهن تائين اجائي نراسائي کان بچائي رکيو آهي. سو تون به هلي آءُ انهي آسڻ ۾، جتان جيڪڏهن ڪنهن کي رڳو ڪو ماسو به مِلي وڃي ته سمجهه ٻئي جهان ملي ويس. ۽ توکي ته اها خبر آهي ته پاڻ گهڻو نه ڪالهه گهريو هو ۽ نه ئي اڄ يا سُڀاڻي پاڻ کي اهڙي ڪا طلب آهي. پنهنجي لاءِ ته هادي جي اها هڪڙي سِٽ ئي سڀڪجهه آهي ته.
“ماڻهو گُهرن مال، آئون سڀ ڏينهن گُهران سُپرين”
وڌيڪ تُنهنجي مرضي!!