ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لينن، ميڪسم گورڪي ۽ سوشلسٽ حقيقت نگاري-II

ان سان گڏ ادب جون پنهنجون خاصيتون آهن (لينن ان ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش نه رکندو هو) پر پرولتاري مقصد ڏانهن طرفداري اختيار ڪرڻ کان پوءِ ادب کي رڳو جماليات جي ميدان تائين محدود نه پيو ڪري سگهجي جيئن ان وقت ۽ اڄ به هيئت پرست دعويٰ ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اها هڪ زنده حقيقت آهي جيڪا سماجي فڪر جي ٻين شڪلين سان واڳيل آهي.
لينن کي فنڪار جو ڳر ڏاڍو پيارو هو ۽ ان لاءِ وڏي عزت هئس. 1913 ۾ هن لکيو هو ته جوهر ڏاڍي ملهه مهانگي شئي آهي جنهن لاءِ باقائدگي ۽ احتياط سان اتساهڻ جي ضرورت آهي ۽ پنهنجي سموري ڄمار لينن گورڪيءَ جي جوهر ۽ صلاحيت کي محتاط ۽ باقائدي اتساهيندو رهيو. هن ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هيءُ وڏو اديب پاڻ پنهنجي صلاحيت سان انقلاب جي خدمت ڪري رهيو آهي. لينن 1909 ۾ چيو هو ته پنهنجي ادبي صلاحيت ذريعي گورڪي روس ۽ دنيا ٻنهيءَ جي مزدور طبقي جي زبردست خدمت ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه هن اڪثر ورجائي آهي. لينن جڏهن به گورڪيءَ جي غلطين تي تنقيد ڪئي آهي ان وقت به سدائين ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته دنيا کي سمجهڻ وارا سياسي ۽ فنڪاراڻا طريقا مختلف ٿيندا آهن ۽ هن سماجي شعور جي مختلف شڪلين جي هڪٻئي سان پيچيدي تعلق ڏانهن اشارو ڪيو.
لينن هر ممڪن طريقي سان ڪوشش ڪئي ته گورڪي سياسي زندگيءَ جي ڇتڪتائيءَ ۾ ٽپو ڏئي پر اهڙي نموني جو تخليقي فنڪار جي حيثيت سان سندس ڪم کي سهائتا ملي نڪي ان سان هاڃو رسي.
گورڪيءَ کي ڪيترن ئي سياسي جلسن ۾ شرڪت جي دعوت ملندي هئي گورڪيءَ ڏانهن لکيل پنهنجن خطن ۾ لينن ان وقت جي سياسي ۽ فلسفياڻن مسئلن جو جامع تجزيو، پارٽيءَ جي ڪم جو ذڪر ڪندو هو ۽ ٻڌائيندو هو ته وڏا وڏا سياسي رسالا ڪهڙو لاڙو اختيار ڪري رهيا آهن.
اسان جي سياسي مخالفن اهو قصو گهڙي ورتو آهي ته سوويت ادب جي اسڪالرن کي سماجي فڪر جي خاص شڪل جي حيثيت سان آرٽ جي ادراڪ ۾ ڪا دلچسپي ئي ڪانهي. مثال طور، لينن گراڊ ۾ اديبن جي هڪ ميڙ ۾ فرانسيسي اديب روب گريلي ميڪانيڪي طور هيئت ۽ مواد کي ڌار ڌار ڪندي ٻڌايو ته سندس حلقي جا نقاد يعني بورجوا نقاد اديب کي ان ڳالهه جو ذميوار نٿا سمجهن ته هن ڇا چيو بلڪ ڪهڙي نموني چيو، آمريڪي نقاد ميڪس راٽر چيو ته منهنجي خيال ۾ مارڪسي لينني جماليات جيئن ته “مواد جي جماليات” آهي، ان ڪري اولهه جي جماليات سان بنهه نٿي ٺهڪي جيڪا “هيئت جي جماليات” آهي.
لينن ۽ گورڪي هيئت ۽ مواد کي هڪٻئي جي مخالف نه رکندا هئا ۽ هنن آرٽ جي بنيادي خاصيتن کي سمجهڻ ۽ ان جي سماجي ڪردار کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
گذريل صديءَ جي آخر ۾ ئي گورڪي “فطرت پسنديءَ” تي سخت تنقيد ڪئي جنهن جو مقصد زندگيءَ جي جيئن جو تيئن نقل ڪرڻ هو ۽ زوال پرست تحريڪ تي تنقيد ڪئي جيڪا فن ۾ زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ بدران رڳو ان داخلي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ کي فن سمجهندي هئي جيڪو فنڪار جي ذهن ۾ زندگيءَ بابت هوندو آهي. فڪر کا ڪٽيل معروضيت ۽ بي لگام داخليت ٻنهيءَ کان گورڪيءَ کي چڙ هئي.
گورڪيءَ جي دل ۾ ڪلاسيڪي فن جو وڏو قدر هو پر انهي زماني ۾ هن زندگيءَ ۽ جدوجهد جي نين حالتن ۾ تنقيدي حقيقت نگاريءَ جي تاريخي حدبنديءَ جو ذڪري ڪيو چيخوف ڏانهن هڪ خط ۾ گورڪي ڏاڍي اهم ڳالهه ڪئي هئي. هن لکيو هو ته وقت رزميي جي ضرورت ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي ماڻهو ڪنهن اهڙي شئي جي انتظار ۾ آهن جيڪا منجهن جوش ۽ جذبو پيدا ڪري، جيڪا حقيقت کان وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت هجي. پاڻ گورڪيءَ جو فن سوشلسٽ مستقبل ڏانهن زندگيءَ جي چرپر جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهڙي نموني عام سطح کان بلند آهي، هن حال ۾ مستقبل جو خاڪو ڏٺو ۽ ان کي اڀاريو، اهڙي نموني مستقبل جي اڏاوت لاءِ جدوجهد ۾ مدد ڏني.
انقلاب جي پوءِ وارن ڪجهه سالن ۾ به گورڪي اهو ئي سمجهندو هو ته فن لاءِ ترقي ڪرڻ جو اصل رستو اهو آهي ته رزميي جي عنصر کي ۽ فرد کي آدرش جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي، ان وقت هن استروسڪي چيخوف ۽ پاڻ پنهنجن ناٽڪن جي گلا ڪئي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button