ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روس ۽ چين جي اڳواڻي ۾ پاڪستان نئين ورلڊ آرڊر جو حصو

هي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته پاڪ ڀارت لاڳاپن جي بهتري جي واڳ ڌڻي يا اسٽيبلشمنٽ حمايت ڪري رهي آهي، پر پي ٽي آءِ مخالفت ڪري ٿي. پي ٽي آءِ قيادت جا زهر ڀريا بيان هوبهو اهڙا ئي آهن، جهڙا ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جا. مودي ڊاڪٽرائين ۽ عمران خان جي سوچ ساڳي نوعيت جي آهي، ڪي حلقا چون ٿا ته مودي سرڪار ۽ عمران خان جي سوچ ماضي جهڙي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ عوام دوست ٿي نٿي سگهي. ڀارتي صحافي ۽ دانشور چئي رهيا آهن ته گذريل 12 سالن دوران ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا معمول مطابق نه هجڻ جي باوجود پاڪستان انتهائي اهم قدم کنيا، جيڪي ذڪر جوڳا آهن، انهن ان سلسلي ۾ ڀارتي پائليٽ کي خير سگالي جي جذبي تحت ڇڏڻ ۽ ڪرتار پور ۾ بابا گرونانڪ جي چاهيندڙن جو بنا رڪاوٽ جي اچڻ وڃڻ شامل آهي، بقول دانشورن جي ته ڀارت مان روزانو هزارين سک ياتري پاڪستان واري حصي ۾ اچن ٿا ۽ انهن کي سهولتون به فراهم ڪيون وڃن پيون، جيڪا انتهائي ڪارائتي ڳالهه آهي. هنن هڪڙو ٻيو مثال ڏنو ته جنهن ويل ڀارت ۾ ڪرونا وگهي ماڻهو مري رهيا هئا ته ٻنهي ملڪن واهگا بارڊر کي کولي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٻنهي ملڪن جي شهرين کي فائدو ٿيو ۽ ڪيتريون ئي قيمتون جانيون بچي ويون هيون.
سفارتي لاڳاپن جي حوالي سان اهم راءِ رکندڙن جو خيال آهي ته بلاول ڀٽو جو گووا اچڻ ۽ ساڳي فورم تي چين جي موجود هجڻ سان، توازن پاڪستان جي حق ۾ ٿيو. بلاول ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان به ڳالهيون ڪيون. بقول انهن جي ته نئين ورلڊ آرڊر تحت اهم عالمي کيڏاري روس ۽ چين آهن، جيڪي مختلف خطن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ جنگ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن پيا. ان حوالي سان هو ايران ۽ سعودي عرب ۾ دوستي، وچ اوڀر جي ملڪن کي ويجهو آڻڻ، يمن ۾ جنگبندي، شام ۾ جنگبندي لاءِ روس جي ڪردار ۽ يوڪرائين جي جنگ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ چين جي ڪردار کي انتهائي اهم سمجهيو وڃي ٿو. هي سمورا قدم آمريڪا کي پريشان ڪري رهيا آهن. پاڪستان، چاهي ٿو ته اهو آمريڪا بدران چين سان وڌيڪ دوستي ۽ سهڪار ڪري، ان حوالي سان ڪيترائي منصوبا به شروع ڪيا ويا آهن. هينئر آمريڪا، پنهنجن اشوز ۾ الجهليل آهي، اهو معاشي ۽ سفارتي لحاظ کان پاڪستان جي گهڻي مدد ڪري نٿو سگهي، انڪري چين ان جي جتيءَ ۾ پير وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان کي روس بيڪ اپ فراهم ڪري پيو.
هينئر پاڪستان جي پرڏيهي قرض ۾ چين جو حصو 30 سيڪڙو آهي، ان سان گڏ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن کي سامهون رکندي، روس پاران پاڪستان لاءِ سستو تيل فراهم ڪرڻ به نئين ورلڊ آرڊر جو حصو آهي. آمريڪا جي هونئن به هن خطي ۾ دلچسپي گهٽجي رهي عالمي سياست ۾ انهن کي محدود اسپيس فراهم ڪجي. انڪري هو رڳو پنهنجن مفادن کي سامهون رکندي قدم کڻڻ گهري ٿو. پاڪستان به آمريڪا، چين ۽ روس جي تڪرار مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان پاڪستان جي سفارتڪاري ۾ نئين جان پئجي رهي آهي، سموري صورتحال ۾ ڀارت گهڻو عرصو آمريڪا سان گڏ بيهي نه سگهندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر نئين ورلڊ آرڊر جو حصو ٿيندو، جنهن جي اڳواڻي روس ۽ چين ڪندا.
پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪرڪيٽ هجي يا سفارتي لاڳاپا، انتهائي سنجيدا سمجهيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن ۾ سلامتي کان وٺي دهشتگردي ۽ ٻيان ڪيترائي ڊيپ رياستن جا اشوز، ان جو حصو هوندا آهن. هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ، تقريبن 12 سالن کانپوءِ پاڪستان جو نوجوان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي سياحتي علائقي گووا ۾ ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهتو، ته هن جي هر چرپر، ڳالهايل هر لفظ ۽ سفارتي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ لاءِ کنيل قدم کي انتهائي خبرداري سان ڏٺو پئي ويو. ڀارتي پرڏيهي وزير جَي شنڪر، جيڪو ڪانفرنس جو ميزبان هو، ان ۽ بلاول هٿ ته ملايو، پر ان تي به طنز ڪئي وئي.
ايس سي او ڪانفرنس کان اڳ ۾ نه صرف پاڪستان، پر ڀارت جي سنجيدا حلقن خاص ڪري پڙهيل لکيل، دانشورن ۽ ايستائين جو عام ماڻهو بلاول کي پنهنجي ڌرتي تي ڏسي انتهائي سرهائي جو اظهار ڪيو. انهن جو چوڻ هو ته نفرت ڦهلائڻ ته بي جي پي يا مودي جي ايجنڊا آهي،جيڪا ڀارتي عوام جي ناهي، انڪري هو چاهين ٿا ته ٻنهي ملڪن ۾ دوستي جي شروعات ڪٿان نه ڪٿان ٿيڻ گهرجي. بلاول جي ڀارت پهچڻ کان اڳ پاڪستان جي سول سوسائٽي، خاص ڪري ميڊيا جا وڏا نالا به ڪانفرنس کي ڪور ڪرڻ لاءِ پهتل هئا، ساڳي طرح سان ڀارت جا اهم نالا به بلاول جي زباني دوستي ۽ پنهنجائپ جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.
بلاول ڀٽو جي گووا ۾ ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ته سرڪاري سرگرمي هئي، پر ٻنهي ملڪن جي عوام چاهيو پئي ته پرڏيهي وزيرن ۾ ٻه طرفيون ڳالهيون ٿين ته خطي جي امن لاءِ بهتر ٿيندو، ائين جيئن ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. ايستائين جو چين ۽ ڀارت ۾ سرحد تي ڇڪتاڻ آهي، ٻنهي ملڪن جي هڪ لک فوج سرحدن تي موجود آهي، ان جي باوجود، جَي شنڪر، چين سان معمول جا لاڳاپا نه هجڻ باوجود ڳالهيون ڪيون، جنهن مان اندازو ٿيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي سان نه صرف سهڪار ڪرڻ گهرن ٿا، پر ويجهو به اچڻ چاهين ٿا ته جيئن تاءَ واري صورتحال کي معمول تي آڻي سگهجي.
ڪانفرنس ۾ جيڪا روداد سامهون آئي، ان مان ائين لڳو ته ٻئي ملڪ پنهنجي پراڻي پوزيشن تي بيٺل آهن، پرڏيهي وزيرن هي لکا به نه ڏني ته هنن جي هي ملاقات، وڌيڪ معاملن کي معمول تي آڻيندي، ممڪن آهي ته پس منظر ۾ ملاقاتون ٿيون هجن يا وري اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو ويو هجي. هي ته مستقبل قريب ۾ ظاهر ٿيندو ته بيڪ ڊور ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي يا نه؟ جيڪڏهن ٿي ته ان جا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا. ميزبان پرڏيهي وزير جَي شنڪر، پنهنجي تقرير ۾ ساڳيون پراڻيون ڳالهيون ورجائيندي، پاڪستان تي سرحد پار دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ ۽ ٻيا الزام ورجايا، جواب ۾ بلاول واضح ڪيو ته لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ ڀارت ماحول بهتر ڪري، هي ان جي ذميواري آهي ۽ ڀارت کي سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڀارت والاريل ڪشمير تي قبضي واري فيصلي کي واپس وٺي، ان سان گڏ ٻيا اعتماد وارا قدم کڻي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، بقول بلاول جي ته ايس سي او جهڙا فورم اختلافن وڌائڻ ۽ پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ مناسب ناهن، هي فورم رياستن يا ملڪن ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ۽ سهڪار وڌائڻ لاءِ آهن، انڪري ڀارت اڳڀرائي ڪري. جيڪڏهن حقيقت جي نظر سان ڏسجي ته ڀارت سونهري موقعو وڃايو، جيڪڏهن ڳالهين جي شروعات ٿئي ها ته ان سان عوامي سطح تي سرهائي جو اظهار ٿئي ۽ ٻئي ملڪ ڪنهن به صورت ۾ سرحدون ته تبديل ڪري نٿا سگهن، انڪري کين گڏجي رهڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button