پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ ڪاروايون، 4 ڄڻا گرفتار، 6 موٽرسائيڪلون هٿ

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ سي آئي اي پوليس ڊي ايس پي ۽ جهڏي جي ٽيم سان ڪاروايون ڪري ھزارين ليٽر ديسي شراب، مين پڙي جو خام مال ۽ 6 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون. ميرپورخاص پوليس جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ دعوى ڪئي آهي ته ايس ايس پي ميرپورخاص جي ھدايتن تي انچارج سي آئي اي پوليس عنايت علي زرداري، ڊي ايس پي جھڏو، ايس ايڇ او ٽنڊو جان محمد ۽ ايس ايڇ او ڊگھڙي سان گڏ ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حدن ۾ ڪاروايون ڪندي ھزارين ليٽر شراب، مين پڙي جو خام مال ۽ 6 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون. ڪاروائي دوران چار ماڻهن ادريس لغاري، ايوب لغاري، وسيم آرائين ۽ جلال ميتلو لغاري کي پوليس گرفتار ڪيو، جن سميت فرار ٿيل غلام مصطفى عرف گلو ميتلو لغاري ۽ غلام رسول عرف پپو ميتلو لغاري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button