پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه جي واپارين کي تحفظ نه مليو، ڊي آئي جي وٽ پهتا

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاھه جي هندو واپارين کي تحفظ نه مليو. هندو پنچائت جو وفد درگاھه ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين خاور حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ ڊي آئي جي حيدرآباد وٽ پهتو. وفد ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه کي هندن سان زيادتين بابت آگاهه ڪيو، وفد ۾ پرڪاش سنگهھ، ديوان ايشور داس، لڇمڻ داس ۽ ٻيا شامل هئا. خاور حسين شاهه ۽ واپارين ڦرلٽ واقعن ۽ پوليس جي دلاسن بابت شڪايت ڪئي. ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي مٽياري کي جوابدارن جي گرفتاري ۽ هندو واپارين کي تحفظ ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وفد ٻڌايو ته ڀٽ شاهھ جي هندو واپارين سان ڪافي عرصي کان زيادتيون جاري آهن، اغوا سميت چوري، ڦرلٽ ۽ حملن جا واقعا ٿي چڪا آهن، واپاري سنيل ڪمار جي دڪان تي هٿياربندن ڪاهه ڪري تشدد بعد لکين رپيا ڦر ڪيا، پر پوليس هفتو گذرڻ باوجود دلاسا ڏئي پئي. جنهن تي ڊي آئي جي حيدرآباد هندو پنچائت جي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته هندو برادري کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪيو ويندو ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري واپارين کي انصاف فراهم ڪيو ويندو. سستي ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button