پاڪستانسنڌ

مقصود مهيسر پاران اڌر ڪيڊر استادن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گسٽا ضلعي حيدرآباد جي عهديدارن ۽ گسٽا سنڌ جي مرڪزي اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ گسٽا سنڌ جي مرڪزي صدر مقصود مهيسر، جنرل سيڪريٽري حسين بخش خميساڻي، نائب صدر غلام رسول خاصخيلي، ايڊيشنل سيڪريٽري عبدالغني گاڏهي، جوائنٽ سيڪريٽري دوست محمد گورچاڻي، خزانچي نياز لنڊ، رابطا سيڪريٽري مظفر لغاري ۽ آفيس سيڪريٽري محمد علي قريشي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ گسٽا ضلعي صدر نجيب ابڙو مسئلن بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي مرڪزي صدر مقصود مهيسر ۽ جنرل سيڪريٽري حسين ڀخش خميساڻي يقين ڏياريو ته اوهان جي هر مسئلي کي اسان اهميت ٿا ڏيون، هن ئي هفتي وزير تعليم سان گڏجاڻي ڪري 2012ع جي مسئلي تي ڳالهايو ويندو، فنانس کاتي سان اڌر ڪيڊر استادن جي مسئلي تي گڏجاڻي طئه ٿيل آهي، اهو مسئلو حل ٿي ويندو. اوهان جا مسئلا حل نه ٿيا ته گسٽا ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪندي ۽ وزير اعلي هائوس آڏو احتجاج سڄي سنڌ گڏ ڪندي. مرڪز طرفان 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا حيدرآباد ڊويزن جو دورو ڪري تنظيمي جوڙ جڪ ڪري هڪ تعليمي ۽ تنظيمي سيمينار منعقد ڪرائيندي. گسٽا ضلعي صدر نجيب ابڙو، سينيئر نائب صدر علي گل ابڙو، جنرل سيڪريٽري علي احمد پنهور، ايڊيشنل سيڪريٽري ماجد شيخ، گسٽا حيدرآباد جي صدر احمد مصطفى گهلو، جنرل سيڪريٽري امتياز شاهه، نائب صدر عبدالمجيد نوناري، آفيس سيڪريٽري منصور عمراڻي، گسٽا لطيف آباد جي صدر شھزاد راجپوت، نائب صدر نصير جتوئي، جنرل سيڪريٽري عزيز سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري سلمان خان، گسٽا تعلقي صدر ارشد لاشاري، جنرل سيڪريٽري اشرف ڪليري ۽ نائب صدر محمد امان شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button