پاڪستانسنڌ

چيلهار ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڻن جي واڍي جاري

چيلهار: چيلهار شهر ۽ ڀرپاسي جي اڪثر ڳوٺن ۾ وڻن جي واڍي رڪجي نه سگهي. ٿر جي سڃاڻپ روهيڙو ۽ ٻين قيمتي وڻن جي واڍي تيزي سان جاري آهي. ان حوالي سان سڄاڻ ڌرين ۽ علائقي واسين چيو ته وڻن جي واڍي سبب علائقو بنجر بڻجي ويو آهي، برساتن جو ٿر ۾ اڳ کان گهٽ پوڻ ۽ ڏڪاري حالتن جو هڪ اهم سبب وڻن جي تيزي سان واڍي پڻ آهي، شهر جي آرا مشينن تي رات جو وڍيل وڻن سان ڀريل گاڏيون لاٿيون وڃن ٿيون، پر پوليس چوڪين تي مقرر اهلڪار ڪا ڪاروائي نٿا ڪن. هنن مطالبو ڪيو ته غير قانوني وڻن جي واڍي ڪندڙ ۽ آرا مشين مالڪن خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button