پاڪستانسنڌ

شهدادپور سمس اسپتال ۾ تقريب، 2 ايڌي ايمبولينسون ڏنيون ويون

مقصودورند: شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال ۾ ايڌي سينٽر ۾ ايڌي انتظاميا طرفان ايڌي ايمبولينسون ڏيڻ بابت تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ خاص مهمان سمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رمضان وساڻ ۽ پيڊز وارڊ انچارج ڊاڪٽر شھزاد يوسفزئي رِبن ڪاٽي ايمبولينسن جون چاٻيون ايڌي انچارج علي محمد خاصخيلي حوالي ڪيون. تقريب ۾ دعا ڪرائڻ بعد ايمبولينسن ذريعي مريضن کي حيدرآباد ۽ نوابشاھه نيو ويو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رمضان وساڻ خطاب ڪندي چيو ته ايڌي انتظاميا طرفان وڌيڪ 2 ايمبولينسون شھدادپور ايڌي سينٽر کي ڏيڻ بهترين قدم آهي، ايمبولينسون ماڻھن جي مدد توڙي زندگيون بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. ڊائريڪٽر جو عهدو سنڀالڻ بعد ايڌي سينٽر کي وڌيڪ موثر ۽ سهولتون فراهم ڪيون آهن. ٻئي طرف ايڌي شھدادپور انچارج علي محمد خاصخيلي چيو ته شھدادپور جي ماڻھن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي فيصل عبدالستار ايڌي جي سهڪار سان 2 گاڏيون مليون آهن، شھدادپور ۾ 24 ڪلاڪ سروس آهي. تقريب ۾ انور ڪنڊاڻي، عنايت چانڊيو، شاهنواز بلوچ، دلدار ملوکاڻي، محبوب ٻگهيو ۽ خان محمد ڏاهري سميت سمس اسپتال جي پيرا ميڊيڪل عملي ۽ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button