اسلام آبادپاڪستان

ڳجهيون ايجنسيون ججن جي مقرري ڪيئن ٿيون ڪنٽرول ڪري سگهن؟ جسٽس اطهر من الله

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله پارلياماني ڪميٽي ذريعي ججن جي مقرري جي معاملي تي ڪيس جي شنوائي دوران رمارڪس ڏيندي سوال اٿاريو آهي ته ڳجهيون ايجنسيون ججن جي مقرري کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون؟ ان سان ته عدليا جي آزادي تي اثر پوندو، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ طارق آفريدي کي پشاور ها ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر نه ڪرڻ جي درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. تفصيل موجب پارلياماني ڪميٽي ذريعي ججن جي مقرري جو معاملو سُپريم ڪورٽ پهچي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي طرفان منظور نه ٿيڻ خلاف درخواست تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. بئنچ ۾ شامل جسٽس اطهر من الله پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پارلياماني ڪميٽي پيشيوراڻي صلاحيت بدران انٽيليجنس رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو ڏنو. شنوائي دوران وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته جڊيشل ڪميشن طارق آفريدي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڊيشل ڪميشن جي سفارش باوجود طارق آفريدي کي ايڊيشنل جج مقرر نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پارلياماني ڪميٽيءَ طارق آفريدي جي ڳجهين ايجنسين جي رپورٽ تي نامزدگي رد ڪئي، جنهن مطابق طارق آفريدي جي ساک سٺي ناهي. ان تي جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته انٽيليجنس ايجنسيون ججن جي مقرريءَ کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون؟ ائين ڪرڻ سان عدليا جي آزادي تي اثر پوندو. شنوائي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت هن معاملي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺندي، ڇا پارلياماني ڪميٽي جڊيشل ڪميشن جون سفارشون رد ڪري سگهي ٿي؟ عدالت جي مدد لاءِ اٽارني جنرل کي گهرائي ٿا وٺون. سُپريم ڪورٽ ايندڙ شنوائي تي اٽارني جنرل کي عدالتي مدد لاءِ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ شنوائي مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button