اسلام آبادپاڪستان

عدالتي سڌارن وارو بل، سپريم ڪورٽ سڀاڻي تائين پارلياماني ڪاروائي جو رڪارڊ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري بل تي اسٽي آرڊر برقرار رکندي اٽارني جنرل کي اڄ تائين پارلياماني ڪاروائي جو رڪارڊ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪيس جي شنوائي ٽن هفتن لا ملتوي ڪئي وئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 8 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي. وفاقي سرڪار طرفان عدالتي سڌارن واري بل خلاف شنوائي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي ۽ نواز ليگ به فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي. اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ ترميم فل ڪورٽ ئي ڪري سگهي ٿي، عدليا جي آزادي ۽ رولز بابت فيصلو ۽ ڪيس به فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي. جسٽس عائشا ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪا به بئنچ ڪو به ڪيس ٻڌي سگهي ٿي، ڇا حڪومت فل ڪورٽ جو فائدو کڻڻ گهري ٿي؟ ڇا توهان چوڻ چاهيو ٿا ته عوام جو اعتماد فل ڪورٽ تي آهي، عدالت درخواستگذار جي خواهش تي پنهنجي ڪاروائي ڪيئن ريگوليٽ ڪري، ڇا حڪومت چاهي ٿي ته عدالت جا اندروني بحث ٻاهر اچن؟ هر ڪيس اهم هوندو آهي، اهو يقين ڪيئن ڪجي ته ڪهڙو ڪيس فل ڪورٽ ٻڌي؟ ڇا عدليا جي آزادي جو هر ڪيس فل ڪورٽ ٻڌو هو؟ جسٽس عائشا ملڪ اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا فل ڪورٽ جو فيصلو سٺو ۽ 3 رڪني بئنچ جو فيصلو خراب هوندو؟ توهان جو منطق سمجهه کان ئي ٻاهر آهي. جسٽس منيب اختر رمارڪس ۾ چيو ته جيڪو قانون پارليامينٽ ٺاهيو آهي ان ۾ 5 رڪني بئنچ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، فل ڪورٽ جو جواب پارليامينٽ پاڻ ئي پنهنجي ٺاهيل قانون ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، يا ته توهان اهو چئو ته پارليامينٽ غلط قانون ٺاهيو آهي، پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ نون فل ڪورٽ جي درخواست ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ پارليامينٽ چوي ٿي 5 رڪني بئنچ ٺاهيو، اٽارني جنرل چوي ٿو فل ڪورٽ جوڙي وڃي. شنوائي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ظاهري طور هن ڪيس مان نٿو لڳي ته فل ڪورٽ جوڙي وڃي، جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان چاهيو ٿا ته عدالت اهو تعين ڪري ته ڪهڙا ڪيس ڪهڙي بئنچ ٻڌندي؟ پينڊورا باڪس کوليندا ته هر ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جون درخواستون اچي وينديون. جسٽس مظاهر علي نقوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا ماضي ۾ اهڙي قانون سازي ٿي آهي؟ آرٽيڪل 90 جي موجودگي ۾ اهڙي قانون سازي ڪيئن ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button