ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ بيروزگار ٿيندڙ لکين ماڻهو

هڪ پاسي ملڪ ۾ معاشي صورتحال بهتر نه پئي ٿئي ٻئي پاسي سياسي قوتون پنهنجي ضد تان هٽڻ لاءِ تيار ناهن. ملڪ ۾ معاشي گهوٽالي کي سنجيده نه وٺڻ جي ڪري حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن. تازو ئي رپورٽ آئي آهي ته صنعتي پيداوار ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جي ڪري سڄي ملڪ جي ڪيترن ئي شعبن ۾ لکين ماڻهو نوڪريون وڃائي ويٺا آهن. رپورٽن موجب خام مال جي درآمد تي پابندين، زرمبادلي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ بجلي ۽ گيس جي بلن ۾ اضافي جي ڪري وڌندڙ قيمتن پيداواري سرگرمين کي سخت متاثر ڪيو آهي. اسٽيڪ هولڊرز دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي جي 4 صنعتي شعبن سميت سڄي ملڪ جي آٽو وينڊنگ يونٽس ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي بيروزگاري کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
يقينن اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. حڪمرانن کي پر ان جو ڪو به احساس ڪونهي. هڪ پاسي مهانگائي آهي ته ٻئي پاسي وڌندڙ بيروزگاري آهي، ان صروتحال ۾ عام ماڻهو جو مستقبل غيريقيني واري ڪيفت ۾ ڦاٿل آهي پر حڪمرانن کي ان جي ڪا به ڳڻتي ڪانهي. هن حڪومت جي اچڻ سان عوام لاءِ مسئلا گهٽيا ته ناهن پر وڌيا آهن. عام واهپي واريون شيون ته غريب جي پهچ کان مٿي ٿي ويون آهن پر هاڻي بيروزگار به وڌن پيا. اهي به هزارن جي انگ ۾ نه پر لکن جي انگ ۾. ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي ۽ بيروزگاري آهي. جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هڪ 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ، پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس.
هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. عام واهپي وارين شين جا اگهه آئي ڏينهن وڌي رهيا آهن، ۽ اگهن تي ڪنٽرول جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن. حڪومت جي معاشي قدمن مان لڳي ايئن رهيو آهي ته هو هڪ عوام مخالف ايجنڊا کڻي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو مهانگائي مٿان مهانگائي ڪري رهي آهي. ۽ ان جي معاشي پاليسين سبب بيروزگارن ۾ واڌ اچي آهي. هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت کي به مات ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته بيروزگاري ۽ غربت ۾ ڌار واڌ ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button