پاڪستانپنجاب

آئين چوي ٿو 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿين، عمل ڪرڻو ئي پوندو:چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته جيڪڏهن آئين چوي ٿو 90 ڏينهن اندر اليڪشن ٿيڻ گهرجي ته پو اسان کي ان تي عمل ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ جا جج اک به ڇنڀي نٿا سگهن، اسان وٽ ان کانسوا ٻيو ڪو رستو ناهي، هي ڪنهن جي چوائس جي ڳالهه ناهي پر آئين جي ڳالهه آهي، عدالتون ايگزيڪيوٽو آرڊر پاس نٿيون ڪري سگهن، بنيادي انساني حقن تي فيصلي جو اختيار سپريم ڪورٽ کي حاصل آهي. لاهور ۾ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان اي آر ڪارنيليئس ڪانفرنس ۾ اقليتن جي حقن جي عنوان سان خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جڏهن آئين لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان کي پنهنجو اکيون به ڇنڀڻ نه گهرجن، اهو بنيادي انساني حقن جو معاملو آهي، جيڪڏهن آئين ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ بعد 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن ته اهو اسان جو فرض آهي اسان ان تي عملدرآمد ڪرايون، اهڙو ڪو رستو نه ڳوليون جنهن مان ائين لڳي ته اسان ڪيٻائي ڇو رهيا آهيون. هن چيو ته هن معاملي کي “تڪرار” چيو پيو وڃي، مون کي افسوس آهي، مان تڪرار سهي نٿو سگهان، مان ڏاڍو عاجز انسان آهيان، مهرباني ڪري اهو نه چئو ته توهان اسان جي حمايت ڪريو ٿا، آئون سپريم ڪورٽ جي ميمبرن مان فقط هڪ ميمبر آهيان، جيڪڏهن توهان قانون ۽ آئين لا بيٺل آهيو ته توهان کي ڪنهن هڪ فرد بدران سپريم ڪورٽ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ان جي ججن جو فرد طور ڪو وجود ناهي پر هڪ ايڪائي ۽ آئيني اداري طور اسان ائين ئي ڪم ڪندا آهيون، اهم ڳالهه اها آهي ته جڏهن سپريم ڪورٽ ميرٽ جي ڳالهه ڪري ٿي ته ان جي فيصلي کي اخلاقي اختيار حاصل هوندو آهي، اهو تڏهن اڃا به وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو جڏهن انهن فيصلن تي اپيل نٿي ڪئي وڃي يا ڪا نظرثاني نٿي ڪئي وڃي، ان جو مطلب ته ڪنهن کي فيصلي تي ڪو به اعتراض ناهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته حڪومت يا ايگزيڪٽو آفيسر بنيادي انساني حقن جو فيصلو نٿو ڪري سگهي. بنيادي انساني حقن تي فيصلو ڪرڻ جو اختيار سپريم ڪورٽ کي حاصل آهي، پاڪستان ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن. عدالتون ايگزيڪيوٽو آرڊر پاس نٿيون ڪري سگهن، ملڪ جي هر شهري کي بنيادي حق حاصل آهن، بنيادي انساني حقن تي فيصلو ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو حق آهي. هن چيو ته جسٽس اي آر ڪارنيليئس بهترين خدمتون انجام ڏنيون، هن سپريم ڪورٽ کي 17 سال ڏنا ۽ جڊيشل سسٽم لاءِ اثاثو هو. هو سٺو قانوندان ۽ سادگي پسند هو. هن 23 سالن جي عمر ۾ آءِ سي ايس پاس ڪيو، جسٽس اي آر ڪارنيليئس جڏهن رٽائرڊ ٿيو ته سندس ڪي به اثاثا نه هئا سندس زندگي ججن لاءِ مثال آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. پاڪستان جو آئين اقليتن جي حقن جو ضامن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button