اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ڪوڙو ۽ مڪار شخص آهي، هن جي پڪڙ ضرور ٿيندي:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ پارٽي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سميت سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ملڪي سلامتي جي حوالي سان اهم فيصلن ۽ نواز ليگ جي ايندڙ حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزیراعظم شہباز شریف چيو ته مٿي کان وٺي پيرن تائين ڪوڙو، محسن جي پٺي ۾ ڇرو هڻندڙ ۽ مڪار انسان آهي، پي ٽي آ چيئرمين جا ڪوڙ قوم جي سامهون اچي رهيا آهن، هن تي الله جي پڪڙ ضرور ٿيندي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي پاڪستان کي خوار ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي پر الله تعاليٰ ملڪ کي سرخرو ڪيو، جنهن بدنامي لا هن بي انتها پئسو ۽ وقت ضايع ڪيو، سمورا حربا استعمال ڪيا، ملڪ جي عزت نه رڳو محفوظ رهي پر ان ۾ اضافو پڻ ٿيو، پي ٽي آ حڪومت جو منهنجي خلاف ٺاهيل موقف به ڪوڙ تي ٻڌل هو، نيوزيلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ منهنجي خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪيس ۾ منهنجو بري ٿيڻ پاڪستان جي سوڀ آهي، عمران خان منهنجي خلاف هر حربو هلايو پر کيس ناڪامي ملي. هوڏانهن ذرين موجب نواز شريف سان ملڻ لاءِ شهباز شريف ميٽ پوليس جي مڪمل پروٽوڪول ۾ حسن نواز جي آفيس پهتو، وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ پنهنجي دائري ۾ رهي پنهنجو حق گهرندي، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار نواز شريف کي نااهل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ثاقب نثار ڪوڙن ۽ بي بنياد الزامن تي نواز شريف کي نااهل ڪيو، ڏينهن رات پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار استعمال ڪندو رهيو، هن عوامي مفاد جي ڪنهن ڪيس تي سوموٽو نه ورتو، ثاقب نثار جو هڪ ئي مقصد هو ته نواز شريف کي هارائي عمران خان کي ڪامياب ڪرائجي، ثاقب نثار پي ٽي آءِ جي سياسي ايجنٽ طور ڪم ڪندو رهيو، آڊيو ليڪس هاڻ سڀني ڪردارن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button