پاڪستانعالمي

ڀارتي رياست مني پور ۾ نسلي وڳوڙ، 54 ماڻهو مارجي ويا، هزارين بي گهر،ڪرفيو لاڳو

ڀارتي رياست مني پور ۾ نسلي وڳوڙن ۾ 54 ڄڻا مارجي ويا ۽ 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گهر ڇڏي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، اهڙي صورتحال بعد رياست ۾ هزارين فوجين کي مقرر ڪيو ويو، جن کي صورتحال سنگين ٿيندي ڏسي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، رياست ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري انٽرنيٽ جي سروس پڻ معطل ڪئي وئي آهي، رياست جي گورنر ڌرين کي پرامن رهڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مني پور ۾ وڳوڙ ان وقت شروع ٿيا جڏهن سرڪار پاران ميٽي ڪميونٽي کي شيڊولڊ قبيلي واري ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان تان احتجاجي مظاهرن دوران تشدد تي ٻڌل ڪاروايون تيز ٿي ويون ۽ 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، رياست ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هزارين اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button