لينن سندس اصلاح ڪيو ۽ ٻڌايو ته تغزل جي رنگ جي به ضرورت آهي، اهڙي نموني چيخوف جي ۽ سڌي سنواٽي سچائيءَ جي به ضرورت آهي.
حقيقت نگاريءَ جي خاصيتن ۽ نئين فنڪاراڻي طريقي جي وصف کي طئي ڪندي لينن جي انهن مضمونن جي وڏي اهميت آهي جن ۾ هن گورڪيءَ جي لکڻين تي خيال ظاهر ڪيو آهي ۽ جتي اديب کي صلاح ڏني آهي.
جيئن اسان کي خبر آهي ته لينن گورڪيءَ جو ناول “ماءُ” ڇپجڻ کان اڳ ۾ مسودي جي شڪل ۾ پڙهيو هو. ان جي تعليمي ڪردار ۽ سماجي اثرن جو هن وڏو قدر ڪيو هو. هن چيو ته هيءُ وقت جي لحاظ کان ڏاڍو ضروري ڪتاب آهي ۽ هن ڄاڻڻ چاهيو ته ڪتاب جو ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي رهيو آهي يا نه ڇاڪاڻ ته کيس سڌ هئي ته گورڪي هڪ عظيم روسي اديب هئڻ سان گڏگڏ عالمي اهميت رکندڙ اديب به آهي.
“ماءُ” بابت لينن جي خيالن جو هڪ اهم نقطو هيءُ به آهي ته هن ان جون ڪي خاميون به ڳڻايون هيون. اهي خاميون ڪهڙيون هيون اهو اسان گورڪيءَ جي يادگيرين مان نٿا ڄاڻي سگهون. پر اهڙيون ساروڻيون آهن جيڪي اسان کي ٻڌائين ٿيون ته لينن سمجهندو هو ته ناول جي اصل خامي اها آهي ته ان ۾ انقلابي دانشورن جي تصوير حد کان وڌيڪ وڌائي پيش ڪئي وئي آهي. گورڪي لينن جي ڳالهه مڃي ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪتاب تي نظرثاني ڪئي ان جي اسلوب ۽ صورتگري ٻنهي کي جلا بخشي.
اها ڳالهه غور طلب آهي ته آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ آرٽ ۾ نئين طريقي جي بنيادي خاصيتن تي غور ڪندي گورڪي لينن جي فڪر مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو.
گورڪيءَ لکيو آهي ته لينن اهڙي نموني رهندو هو ڄڻ سندس اڌ روح مستقبل ۾ رهندو هجي ۽ هو حال کي مستقبل جي اک سان ڏسندو هو. منجهس ٻه خاصيتون هڪ ئي وقت گڏ ٿيل هيون جيڪي ظاهري طور هڪٻئي کان مختلف لڳن ٿيون: هڪ نقاد جي صلاحيت ۽ هڪ تخليقڪار جي صلاحيت. گورڪي سدائين ان ڳالهه تي حيران ٿيندو رهيو ته لينن ۾ اها صلاحيت هئي جو هو اڻڳڻين ننڍڙين ننڍڙين شين کي ڏسندو هو ۽ ان کان پوءِ وڏي سولائيءَ سان سندس ذهن روزمره جي زندگيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن تفصيلن مان گذري جامعيت ڏانهن هليو ويندو هو. لينن وٽ “روحاني نظر” جي قوت هئي، يعني هو خيالن کي حقيقت جو جامو پهريندي ڏسي وٺندو هو. سندس چوڻ هو ته تخيل کي مهارت سان استعمال ڪيو وڃي ته پوءِ هي ڪنهن به ميدان ۾ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو.
گورڪي نئين فنڪاراڻي طريقي کي سمجهڻ لاءِ جيڪي خيال پيش ڪيا ان سلسلي ۾ سندس ٻه خط اهم آهن. هڪ خط گروز ڊيوڊ جا نالي ۽ ٻيو افينيگينوف جا نالي. اهي ٻئي خط 1933 ۾ لکيا ويا. انهن ۾ گورڪي پنهنجين غلطين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته لينن سان سندس “اختلافن” مان سبق سکڻ گهرجي. گورڪيءَ جو تجربو تمام وسيع هو پر گورڪيءَ ان کي “ڇسي تجربيت” جو نالو ڏنو. هن لکيو ته مان ان تجربيت جو اسير رهيو آهيان ۽ پنهنجي ذاتي تجربي کي حد کان وڌيڪ اهميت ڏيندو رهيو آهيان. گورڪيءَ لکيو آهي ته لينن گهرائيءَ ۾ ويندڙ مفڪر هو جيڪو زندگيءَ جي عمل کي ڏسي وٺندو هو. سندس مشاهدو ڏاڍو سٺو هو. ۽ گورڪيءَ لکيو آهي ته اها خوبي ۽ اڳتي ڏسي سگهڻ جي صلاحيت ئي “سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ” جو بنياد آهي. اهو اهو نظريو آهي جنهن تي ان وقت بحث ٿي رهيو هو ته سوويت ادب ۾ ان نئين طريقي کي اختيار ڪرڻ گهرجي.
گورڪي سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي وصف لاءِ هڪ ٺهيل ٺڪيل فارمولي جي ڳولها ۾ نه هو. هن ٻڌايو ته نئين طريقي جا ڪيترائي پاسا آهن. سوشلسٽ حقيقت نگاري زندگيءَ کي عملي سمجهندي آهي. اهڙو تخليقي عمل جيڪو انسان جي انفرادي صلاحيتن کي ترقي ڪرڻ ۽ سوشلسٽ انصاف جي سوڀ ۾ مدد ڏيئي. سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ ۾ زندگيءَ جي سچي عڪاسي ۽ زندگيءَ کي انقلابي رومانوي نقطه نظر سان ڏسڻ واريون ٻئي ڳالهيون گڏ ٿي ويون. سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جو بنيادي قانون اهو عقيدو هو ته زندگي لڳاتار حرڪت ۾ آهي.
گورڪي سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي جيڪا وصف ڏني ان مان خبر پئي ٿي ته اولهه ۾ گورڪيءَ جي لکڻين ۽ سندس جمالياتي نقطه نظر بابت ڪيتريون نه بي بنياد ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. لينن ۽ گورڪي جماليات جو پراڻ پسند نه پر انقلابي نظريو پيش ڪيو، جماليات جنهن جو ان دور جي ترقي پسند خيالن سان تعلق هو. گورڪي پنهنجي هڪ خط ۾ صحيح چيو هو ته سندس خيال ۾ انصاف جي ڌر ٿيندڙ حسن جو نظريو (يعني آرٽ بابت لينن ۽ گورڪيءَ جا خيال) ان جي اهل آهي ته دنيا کي نئين روحاني زندگي عطا ڪري سگهي.
)پورو ٿيو)