ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سارنگ شر جو ڪيس ۽ سوشل ميڊيا-II

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

سارنگ شر جي حمايت ۾ ڌاڙيلن جو جاري ڪيل وڊيو پيغام
(6) هي ڪيس ٽرائيل ڪورٽ ۾ هلڻو هو. پر پوليس سوشل ميڊيا تي عوامي رد عمل ڏسي ڪيس ۾ انسداد دهشتگردي وارا قلم لڳائي انسداد دهشتگردي جي خصوصي عدالت ۾ پيش ڪيو. جتي ملزم جي ضمانت واري درخواست رد ٿي وڃي ٿي. پر ٻئي طرف ساڳي عدالت ۾ اڍائي سالن تائين ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي ٿئي. جيستائين ملزم ڌر پاران فريادين ۽ شاهديون ڏيندڙن کان پاڪ ڪتاب ۽ نياڻيون ميڙ وٺي وڃڻ، علائقي جي با اثرن پاران زور ڀري جڏهن معافي تلافي وٺڻ ۾ مڪمل ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. ان کان ملزم جي وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ انسداد دهشت گردي جا لڳايل قلم خارج ڪرڻ واري اپيل داخل ڪئي. هاءِ ڪورٽ ڊسمبر 2022 ۾ ڪيس مان دهشتگردي وارا قلم خارج ڪري ڪيس خيرپور جي ٽرائيل ڪورٽ ۾ هلائڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ دوران ڇا ٿيو جو ملزم جي ڌر نه رڳو معافيون تلافيون ورتيون. پر ڪيس ۾ رضاڪاراڻي طور وڪالت نامون داخل ڪرائيندڙ سکر جو ناميارو وڪيل ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ مرحوم هادي ڀٽ جو وڪالت نامون واپس ورتو ويو. اهڙي صورتحال ۾ ڪيس ٽرائيل ڪورٽ ۾ اڳتي وڌيو. ڪيس ۾ ٻارڙن کي ٽيوشن پڙهائڻ دوران جنسي حرڪتون ڪرڻ واريون وڊيوز ٺاهڻ بابت پوليس ڪنهن به قسم جي جانچ نه ڪئي آهي. سوال اهو آهي ته ڄاڻايل وڊيوز ٺاهڻ ۽ جنسي حرڪت ڪرڻ ۾ فقط ٻار ۽ ملزم اڪيلو شامل هو، يا ساڻس ان عمل ۾ ٻيا ماڻهو به شامل هئا. ڇو ته ملزم جون جنسي عمل ڪندي وڊيوز ڀريل آهن. جيڪي ضرور ڪنهن ٻئي جون ٺاهيل آهن. پوليس وٽ يو ايس بي ۾ سوشل ميڊيا تان گڏ ڪيل وڊيوز ۾ ٻارڙن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان جنسي حرڪتون ڪرائڻ ۽ جوابدار جون ٻارڙن سان جنسي حرڪت ڪرڻ وارو عمل ڏيکاريل هيو. ڪيس جي جانچ ۾ پوليس انهيءَ رخ کان به جانچ نه ڪئي ته وڊيو وائرل ڪنهن ڪيون. جوابدار ٻارڙن جي والدين کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ وڊيو وائرل ڪيون، يا وري ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ. (هڪ يا وڌيڪ ماڻهن) خود جوابدار کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ وڊيو وائرل ڪيون؟ يا جوابدار ڪنهن اهڙي گروهه سان واسطو رکندڙ هجي، جيڪو ٻارڙن جي جنسي فعل جون پورن وڊيوز وڪرو ڪندو هجي. ڪيس جي رڪارڊ ۾ ڏسجي ٿو ته، اهڙي ڪنهن به رخ سان پوليس جانچ نه ڪئي. حيرت ان ڳالهه جي به آهي، ته اهڙي ڪنهن جانچ جي گهر نه پراسيڪيوشن ۽ نه وري عدالت پاران ڪئي وئي هئي.
ڪيس ٽرائيل ڪورٽ ۾ ڊسمبر 2022 ۾ پهتو. جتي فقط ٽي مهينا ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيس جون سڀ گهرجون پوريون ڪيون ويون. جنهن جي بنياد تي 27 اپريل 2023 تي فيصلو جاري ڪيو ويو. جنهن ۾ خيرپور جي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج 4 جي عدالت شاهديون نه ملڻ جي بنياد تي ٽن جدا جدا ڪيس ۾ سارنگ شر کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سارنگ شر انهيءَ ئي ڏينهن خيرپور جيل مان آزاد ڪيو ويو.
(7) هن ڪيس ۾ ٻيهر سوشل ميڊيا جي اهميت ٻه طرفي سامهون آئي. سارنگ شر آزاد ٿيڻ کان پوءِ هار پائي آزادي جون مبارڪون وصول ڪيون ۽ ٺري ميرواه ۾ ٻارڙن ۾ پئسا ورهائڻ واريون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيون ۽ اهي وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون. جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي رڻ ٻري ويو. سوشل ميڊيا وارن انهن وائرل ڪيل وڊيوز ۾ حڪومت ۽ عدالت جي اڳيان ڪئين سوال اٿاريا. نتيجي ۾ سوشل ميڊيا ۽ مين اسٽريم ميڊيا ۾ سارنگ شر جي خلاف ثبوت هئڻ جي باوجود آزاد ڪرڻ جي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويو. جنهن کان پوءِ مبينه طور تي سارنگ شر کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت پاران فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ ۽ ٻيهر ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هنن سٽن جي لکجڻ تائين سنڌ حڪومت پاران ڪيس جي خلاف اعلانيل اپيل داخل نه ٿي آهي. هوڏانهن وري سوشل ميڊيا تي ڌاڙيلن جو پي آر او طور سڃاتو ويندڙ ثناءَ الله عرف ناچو پاران ڪچي مان وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ هن شر ۽ جتوئي برادري پاران سارنگ شر جي ٻيهر گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي ۽ خيرپور پوليس کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته سارنگ شر عدالتي حڪم تي آزاد ٿيو آهي. ان ڪري فوري طور تي کيس آزاد ڪيو وڃي. ڌاڙيلن جي پي آر او طور سڃاڻپ رکندڙ ثناءُ الله عرف ناچوءَ جي اهڙي وڊيو پيغام کان پوءِ ٻارڙن جا والدين سخت خوف ۾ اچي ويا آهن.
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button