ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي انا جو سوال

Editorial-Article- Ajaz Mangi

پاڪستان جي منجهيل ۽ وڌيڪ منجهندڙ سياسي صورتحال جي حوالي سان خبرن جي عالمي اداري ”بي بي سي“ اهو سوال اٿاريو آهي ته ”ڇا سياسي پارٽين جي انا ملڪ کي ورهائي رهي آهي؟“
ان سوال جو تفصيلي جواب پيش ڪرڻ کان اڳ دل چاهي ٿي ته سڀ کان اڳ اهو سوال اٿارجي ته ڇا پاڪستان جي اڪثريتي سياسي پارٽين ۾ سياسي انا آهي؟ جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي قوتن ۾ گهربل حد تائين سياسي انا هجي ها ته پاڪستان جي عوامي سياست ايتري ڪمزور، هيسيل ۽ هپايل ڇو هجي ها؟
پاڪستان جي سياست اقتدار پرستيءَ کان اڳتي نڪري ڏسي وائسي ۽ سوچي سمجهي ها ته هن وقت پاڪستان ڪنهن به طرح سان هڪ ڪمزور ۽ هيڻو ملڪ نه هجي ها. سياست ملڪن ۾ سگهه ڀريندي آهي. جيتري سگهاري سياست هوندي، ايترو سگهارو ملڪ هوندو. اها جدول بلڪل به غلط آهي ته سگهارن ملڪن جي سياست سگهاري ۽ سٺي هوندي آهي. اصل ۾ سٺي ۽ سگهاري سياست ئي سگهارا ملڪ وجود ۾ آڻيندي آهي. اها سياست جي سٺائي ۽ سگهه هوندي آهي، جيڪا ملڪن کي مشڪل حالتن ۾ به سٺو ۽ سگهارو رکندي آهي. آمريڪا ان جو مثال آهي. جديد آمريڪا جو بنياد وجهڻ وارو شخص ابراهم لنڪن هو. هن پنهنجي ملڪ جي باري ۾ وڏا ۽ اهم فيصلا ڪيا. جيتوڻيڪ آمريڪا هڪ سامراجي ملڪ آهي. پر پوءِ به اهو پنهنجي عوام لاءِ عذاب جو باعث ته ناهي! جڏهن ته آمريڪا کان وڌيڪ بهتر ۽ مثبت مثال ان روس جو آهي، جنهن ۾ جڏهن 1917 جي دوران آڪٽوبر انقلاب آيو هو ته روس جو نهايت برو حال هو. روس ان مهل جنگ کي منهن ڏئي رهيو هو ۽ روس جي معاشي توڙي معاشرتي صورتحال ايتري بري هئي جو ماڻهن وٽ رکي مانيءَ کائڻ جيترو ان نه هو. بدامني ۽ بک جي ستايل ملڪ ۾ نهايت پراڻي ۽ پيچيده جاگيرداري هئي. پر اهو آڪٽوبر انقلاب جو ڪمال هو ته هن روس کي نه صرف غم ۽ غربت مان ٻاهر ڪڍيو پر روس کي دنيا جو سپر پاور بڻايو. اهو انقلابي جيڪو اڃان اسري رهيو هو هن جي مٿان هٽلر جنگ مڙهي ۽ اها جنگ ايتري ته شديد هئي جو روس جو روح به ان کان متاثر ٿيو هو. پر هٽلر کي شڪست ڏيڻ ۽ جرمنيءَ تي انقلاب جو جهنڊو جهولائڻ جي طاقت به ته روس جي انقلابي سياست جي هئي. اها جنگ جنهن ۾ عالمي طاقت جي علامت وارو انگلينڊ پنهنجي خارجي توڙي داخلي دٻدٻي جي مڪمل خاتمي کي پهتو، ان جنگ مان اٿي روس تمام ٿوري وقت اندر وري ايترو ته سگهارو ٿي ويو جو پوري دنيا حيران ۽ پريشان ٿي وئي.
روس جي ان مثالي ترقي ۽ توانائيءَ جو سبب روس جي اها سياست هئي، جيڪا هاڻي به بنهه بري حال واري ملڪ کي پوري دنيا سان مهاڏو اٽڪائڻ جي طاقت عطا ڪري ويٺي آهي. روس ۾ هاڻي انقلابي پارٽيءَ جي حڪومت ناهي. روس ۾ هاڻي قومپرست ۽ سرمائيدار سياست جي سرڪار آهي پر پوءِ به اها روس جي عزت مٿان حرف اچڻ نه ٿي ڏئي. ڇو ته ان سياست ۾ قومي ۽ عوامي انا آهي. اها ساڳي ڳالهه اسان کي پنهنجي ملڪ جي سياست ۾ به هڪ دور جي اندر نظر آئي هئي.
اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو دور هو، جڏهن پاڪستان جي سياست ۾ قومي انا ۽ قومي غيرت جو اڀار آيو هو. اهو سڀ ڪجهه ان قومي ۽ عوامي سياست جو ڪارنامو هو، جنهن ۾ ڀرپور قسم جي سياسي انا هئي. اها سياسي انا هئي، جنهن جي ڪري زيڊ اي ڀٽو نرم قسم جو سوشلسٽ هوندي به آمريڪا جهڙي خطرناڪ طاقت سان منڍو اٽڪائي ويٺو.
پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ پاڪستان کي مثالي ملڪ بڻائڻ واري هڪ دانشور ۽ دلير سياستدان کي آمريڪي سازش ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو ۽ نه صرف هن کي اقتدار تان هٽايو ويو پر هن کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو ويو ۽ پاڪستان جي باوقار سياسي وجود کي آمريڪا جي پيرن ۾ اڇلائي هڪ بهترين ملڪ کي بدترين حالتن جي حوالي ڪرڻ واري به ته سياست هئي. اها سياست جيڪا سازش جي ڪک مان وجود ۾ آئي. اها سياست جيڪا تمام گهڻي بري هئي. اها سياست جيڪا آمريتي هئي. اها سياست جيڪا جمهوريت ۽ عوام جي مخالف ئي نه پر سخت دشمن هئي. هن وقت به هي ملڪ جيڪڏهن معاشي ۽ معاشرتي طرح سان لوڙي رهيو آهي ته ان جو سبب جنرل ضياءَ جي آمريتي سياست آهي. ڇو ته جنرل ضياءَ جي موت کان پوءِ بحال ٿيندڙ جمهوريت ۾ اهڙي ڪا به سياسي سگهه نه هئي، جيڪا وري ملڪ کي پيرن تي بيهاري سگهي. اهوئي سبب هو ته جنرل ضياءَ کان پوءِ جيڪي به حڪومتون آيون، اهي پنهنجي وت ۽ وجود ۾ آمريڪا جون گوليون غلام هيون ۽ انهن جي سڀ کان وڏي ڪوشش اها هئي ته ڪنهن طرح سان آمريڪا جي خوشنودي حاصل ڪجي ۽ ڪنهن طرح سان آمريڪا جي امداد وٺڻ ۾ ڪاميابي ماڻجي. جيڪي حڪومتون امدادن هٿان تباهه ۽ برباد ٿي نيٺ قرضن جي حد ۾ ڪري پون ته انهن حڪومتن کي ڪجهه وقت کان پوءِ قرض به نه ملندا آهن. اهوئي سبب آهي ته آءِ ايم ايف جا مجموعي شرط مڃڻ کان پوءِ به اهو ادارو پاڪستان کي قرض جي قسط ڏيڻ کان عملي طور تي نابري واري ويٺو آهي.
آءِ ايم ايف جو ته ڪم ئي اهو آهي ته هو مالي طور تي مشڪل ۾ ڦاٿل ملڪن جي قرضن جي صورت ۾ مدد ڪري پر آءِ ايم ايف به پاڪستان جي سياست ۾ اها سگهه نه ٿو ڏسي جو هن کي پنهنجو قرض واپس ورندو نظر اچي. جيڪڏهن پاڪستان جي سياست ۾ ايتري انا ۽ ايتري اصول پرستي هجي ها ته هوند اقتدار جي رساڪشيءَ ۾ ملڪ کي ايترو نه گهليو ويو هجي ها جو پاڪستان سان هن جو پاڙيسري دشمن ملڪ اهڙو سفارتي سلوڪ اختيار ڪري رهيو آهي، جهڙو ڪمزور ترين دشمن سان ڪيو ويندو آهي.
ملڪ ڪمزور ٿيندا آهن، ڪمزور سياست سبب ۽ ڪمزور ملڪن جو حشر اهڙو ٿيندو آهي جو هن جا سڄڻ گهٽجي ويندا آهن ۽ هن جا ننڍڙا ۽ ڪمزور مخالف به هن جي ڇاتيءَ تي مڱ ڏرڻ کان نه مڙندا آهن. پاڪستان جي سياست جي سلسلي ۾ بي بي سيءَ جو پڇيل اهو سوال تمام گهڻو غيرمناسب ۽ غيرحقيقي آهي ته ڇا پاڪستان جي سياسي پارٽين جي انا ملڪ کي ورهائي رهي آهي؟ اهو سوال ئي درست ناهي. سوال اهو نه پر هي هجڻ کپندو هو ته ڇا پاڪستان جي موجوده بحران جو سبب ملڪي سياست ۾ قومي ۽ عوامي انا جو فقدان آهي؟ اهو سوچڻ جا رستا کولي سگهي ٿو. اهو سوال ان جواب کي تلاش ڪري سگهي ٿو، جيڪو جواب تاريخ ۾ وڏن لفظن سان تحرير ڪيو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button