ارجنٽينا کي فٽبال ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ مشهور فٽبالر ليونل ميسي سعودي ڪلب الهلال سان معاهدو ڪرڻ تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ليونل ميسي کي الهلال ساليانو معاوضو 40 ڪروڙ ڊالر ڏيندو، جيڪي پاڪستاني ڪرسي ۾ هڪ کرب 13 ارب رپيا ٿين ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ الهلال ڪلب سان گڏ کيڏڻ لا ليونل ميسي راضي ٿي ويو آهي، جنهن جلد اعلان بھ ٿي ويندو. ياد رهي تھ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اهي خبرون ميڊيا ۾ آيون هيون تھ الهلال ڪلب ۽ ميسي وچ ۾ معاهدي لا ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هوڏانهن ميسي ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم لاريوس اسپورٽس ايوارڊ کٽي ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close