
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا اميد ڏيکاري آهي تھ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽھ ملڪي سيريز دوران مقابلو ٿي سگهي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ سڌي سيريز ڪرائڻ هن وقت ممڪن ناهي، پر اهيو ٿي سگهي ٿو تھ انهن وچ ۾ ڪنهن جڳهه تي ٽھ ملڪي سيريز ڪرائي مقابلو ڪرايو وڃي. هن چيو تھ عالمي ايونٽس کان پوئتي هٽڻ ڀارت کي ڏکيو لڳندو، تنهنڪري اها سيريز ٿي سگهي ٿي.