ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک غيرآباد زمين

Editorial

جنهن ملڪ ۾ زراعت وسيلي وڌ ۾ وڌ معاشي ٽيڪ ملندي هجي، ان جي زراعت کي پاڻي کوٽ وسيلي تباهه ڪيو وڃي ته ان سان نه رڳو زمينون بنجر بڻجي وينديون آهن پر معاشي ترقي به رڪجي ويندي آهي. سنڌ پڻ هڪ زرعي خطو آهي، ڇاڪاڻ ته هن صوبي ۾ ڪي اهڙا وڏا صنعتي زون نه آهن، جو ماڻهو زراعت کي ڇڏي صنعت وسيلي ڪمائي ڪن. پر گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ جي زراعت کي جهڙي ريت پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي تباهه ڪيو ويو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ ۾ ڪيترا لک ايڪڙ زمين اڃا به غير آباد ٿي ويندي. سنڌ ۾ هڪ پاسي ته نهري پاڻي جي کوٽ ڪئي ويندي آهي ته ٻئي پاسي وري سامونڊي چاڙهه جي ڪري به سنڌ جون زمينون تباهه حال لڳيون پيون آهن. اهي علائقا جيڪي سامونڊي پٽي واري پاسي آهن، انهن ۾ نه رڳو سامونڊي تيزي سان وڌي رهيو آهي پر لکين ايڪڙ زمين هن وقت تائين بنجر بڻجي چڪي آهي ۽ لکين ماڻهو اتان لڏپلاڻ به ڪري چڪا آهن. پر پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم ٿي سنڌ جو پاڻي روڪڻ جا نوان منصوبا تيار ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان تازو ئي جيڪي انگ سنڌ حڪومت جي صوبائي وزير اسماعيل راهو پيش ڪيا آهن، سي ڳڻتي جوڳا آهن.
سنڌ حڪومت هڪ ڪروڙ 80 لک ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد هجڻ جو ذميوار پي ٽي آ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته پنجاب ۾ پاڻي ذخيرن جا نوان منصوبا اڏڻ سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙو هڻڻ جي سازش آهي، سنڌ کي آبي معاهدي تحت حصي جو پاڻي نه پيو ملي. پاڻي کوٽ سبب ڪيترن ئي ضلعن جي زرعي زمين بنجر ٿي چڪي آهي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت سان گڏ ماحوليات به متاثر ٿئي ٿي، جيڪو ٽريڪٽر 3 سال اڳ 14 لک جو هو، اهو اڄ 29 لک ۽ ڊي اي پي ڀاڻ 2400 مان 9 هزار في ٻوري ٿي ويو آهي. وفاقي رپورٽ مطابق پنجاب جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ زرعي زمين تي فصل ۽ سنڌ جي فقط 82 لک ايڪڙن تي فصل ٿئي ٿو، سنڌ جو پاڻي بند ڪري بنجر بڻايو پيو وڃي. ٻئي طرف پنجاب نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي ٻهراڙي واريون زمينون آباد ڪري پيو. اسماعيل راهو چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ کي ربيع ۽ خريف ۾ 25 کان 45 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، پنجاب حڪومت هلندڙ مهيني ٽي پي لنڪ ڪينال مان 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪيو. مٿي ڄاڻايل انگن اکرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنجاب ڪهڙي ريت سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي نا انصافي ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته پنجاب پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ لا سنڌ جو پاڻي چورائي رهيو آهي ۽ گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ جي اعتراضن کي اڻ ٻڌو ڪندو رهيو آهي. پر جيڪڏهن پاڻي جي کڻت جو اهو سلسلو جاري رهيو ته سنڌ جي بچيل آباد زمين به آهستي آهستي غيرآباد ٿيڻ شروع ٿي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته پي ٽي آ حڪومت کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اها به ماضي جي ٻين حڪومتن وانگر سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي نا انصافي ۾ پيش پيش آهي. پر کيس اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ به هن ملڪ جو حصو آهي ۽ اها ملڪ جي ريوينيو ۾ وڏو حصو ڏئي ٿي، تنهنڪري ان جي زمينن کي پورو پاڻي ڏيڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي. تنهنڪري هن وقت سنڌ جي جيڪا به زمين غير آباد آهي، ان کي آباد ڪرڻ لا سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. ان کانسوا 91ع واري ٺاهه تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ کي بهتر نموني پاڻي ملي سگهي ۽ ان جون زمينون غير آباد ٿيڻ کان بچي وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button