ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماحوليات ۽ گلاسگو ڪانفرنس جي ناڪامي

Editorial-Article-Rauf Nizamani

ماحوليات جو مسئلو هن وقت ڌرتي ۽ خاص طور انسان لا ڪجھه ڪرڻ يا ختم ٿي وڃڻ جي حد تائين اچي پهتو آهي. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن پاران گلاسگو اسڪاٽ لينڊ ۾ تازو 31 آڪٽوبر کان 12 نومبر 2021 تائين ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي. ان ڪانفرنس ۾ دنيا جي هڪ سو ستانوي ملڪن، اين جي اوز ۽ ٻين مختلف تنظيمن جا اٽڪل اوڻيتاليهه هزار نمائندا، جن ۾ گھڻا حڪومتن جا سربراهه پڻ شامل هئا، شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس ڪاربن جي اخراج کي گھٽائڻ ۽ اهڙي ريت صنعتي دور کان اڳ واري گرمي پد کان 1.5 سينٽي گريڊ وڌيڪ تائين گرمي پد کي محدود ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. ان ڪانفرنس جو مقصد ڪاربن جي اخراج کي گھٽائڻ ۽ انسان کي هڪ ڪاربن کان مڪمل طور آجو هڪ آئيندو ڏيڻ آهي.
اٽڪل ٽن ڏهاڪن کان گڏيل قومن پاران ان مسئلي جي حل لا ڪوششون ٿي رهيون آهن. اها ان سالياني ڪانفرنسن جي سلسلي جي ڇويهين ڪانفرنس آهي جنهن کي COP 26 يا ڪانفرنس آف پارٽيز جو نالو به ڏنو ويو آهي. 2015 ۾ پيرس ۾ ٿيل COP 21 کي هڪ اهم قدم ليکيو وڃي ٿو. ان ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته گرمي پد ۾ واڌاري کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ لا ڪوششون ورتيون وينديون. مختلف ملڪن پاران ان سلسلي ۾ فنڊ وغيره مهيا ڪرڻ جا واعدا پڻ ڪيا ويا هئا. انهن سڀني ڳالهين جو پنج سالن کانپو 2020 ۾ جائزو وٺڻ لا چيو ويو هو پر ڪووڊ 19 جي ڪري اها ڪانفرنس گذريل سال نه ٿي سگھي ۽ هن سال برطانيا جي ميزباني ۾ گلاسگو ۾ ٿي. ٽرمپ جي آمريڪا ان سڄي معاملي کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي صدر بائيڊن ان سڄي معاملي ۾ شموليت ڪئي آهي ۽ اهو واعدو ڪيو آهي ته آمريڪا 2030 تائين ڪاربن جي اخراج ۾ ٻاونجاهه سيڪڙو جي گھٽتائي ڪندو.
اهو مسئلو رڳو دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن سان لاڳاپيل ناهي پر هن وقت ان جا اثر دنيا جا سڀ ملڪ محسوس ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي معيشت ۽ عام زندگي متاثر ٿي رهي آهي. پاڪستان جهڙن ملڪن تي ان جا اثر نهايت واضح آهن. هن وقت لاهور کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آلودو شهر ليکيو وڃي ٿو ۽ سياري جي مند ۾ هر سال ڪجھه مهينن تائين ڪوهيڙي جي ڪري معمول جي زندگي ڄڻ گھڻي ڀاڱي معطل ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهن ۾ ساهه جون ۽ ٻيون مختلف بيماريون ڦهلجن ٿيون. ساڳي صورتحال ڀارت جي گادي جي هنڌ دهلي جي آهي جتي تازو سپريم ڪورٽ حڪومت کي چيو آهي ته ان صورتحال جي ڪري ماڻهن جي تحفظ لا سندن گھر ۾ ڪم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو وڃي. جڏهين ته تازو آيل هڪ نيوز رپورٽ موجب بلوچستان جو شهر سبي جتي هونئن ئي گرمي وڌيڪ ٿيندي آهي پر هاڻي ان جي شدت ۾ اڃا واڌارو اچي ويو آهي ۽ گرمي جا ٻه ٽي مهينا ته اهڙا هوندا آهن جو گھر کان روزگار خاطر ٻاهر نڪرڻ ۽ زمين تي پير رکڻ ئي ممڪن نه هوندو آهي. مينهن گھٽ پوڻ جي ڪري اڳ جيڪا پوک ٿيندي هئي اها به نه ٿي ٿئي. ان صورتحال ۾ ماڻهو ان موسم جي اچڻ کان اڳ جيڪڏهين ٻين علائقن ڏانهن نه ٿا لڏين ته بک مرن ٿا. ساڳي ريت آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ گرمي جي مند ۾ ايتري گھڻي گرمي ٿئي ٿي جو هاڻي ان کي گرمي جي ان شدت جي ڪري موت جي ماٿري جو نالو ڏنو ويو آهي.
ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان ايشيائي ترقياتي بينڪ پنهنجي 2014 جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته گذريل صدي کان ڏکڻ ايشيا ۾ گرمي پد ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهين عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گھٽائڻ لا ڪوششون نه ورتيون ويون ته ڏکڻ ايشيا کي معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي سطح تي وڏو نقصان کڻڻو پوندو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته گليشيئرن جي ڳرڻ ۽ سمنڊ جي سطح جي وڌڻ جي ڪري مالديپ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو ۽ هڪ ملڪ طور ان جو وجود ئي ختم ٿي ويندو. ساڳي ريت بنگلاديش جو ڊيلٽا وارو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويندو ۽ ان سان بنگلاديش سان گڏوگڏ ڀارت جون اهي رياستون به متاثر ٿينديون جن جي سرحد بنگلاديش سان ملي ٿي.
ساڳي ريت گرمي پد ۾ واڌاري جي ڪري گليشيئر، جن جي سطح اڳ ئي سنهي ٿي چڪي آهي، جي ڳرڻ جو عمل وڌيڪ تيز ٿي ويندو. اها صورتحال ان وقت اڃا به وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿي جڏهين انهن گليشيئرز کي جنگ جو علائقو ڪيو وڃي جيئن 1980 کان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سياچين ۾ ٿي رهيو آهي. اها صورتحال هڪ پاسي ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن جو ڪارڻ بڻبي ته ٻئي پاسي پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري مختلف علائقن ۽ ملڪن ۾ اختلاف ۽ تنازعا جنم وٺندا. ان ڳالهه جي باوجود ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ دريائن جي پاڻي متعلق سنڌ طاس ٺاهه آهي پر ڀارت پاران وقت به وقت ان ٺاهه کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي پاڻي روڪڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. ڀارت ۽ چين ۾ اهڙي قسم جو ڪو ٺاهه ناهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي پاران ان ڳالهه لا هدايتون ڏنيون ويون آهن ته برهم پترا دريا تي چين جي پاسي تبت ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي. ظاهر ڳالهه آهي اها ڳالهه ٻنهي ملڪن ۾ موجود ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۾ اڃا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. ان کانسوا ڀارت جي اندر مختلف رياستن ۽ پاڪستان ۾ خاص طور سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست واري معاملي تي اختلاف موجود آهن، جيڪي صورتحال جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ اڃا وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھن ٿا. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي هڪ رپورٽ موجب همايه جي جبلن ۾ برف جي ختم ٿيڻ ۽ سمنڊ جي سطح جي وڌڻ جي ڪري بنگلاديش، مالديپ، نيپال، سري لنڪا ۽ ڀوٽان جي اٽڪل ويهه ڪروڙ ماڻهن جي زندگي ۽ روزگار متاثر ٿيندو. ڪنهن قسم جي گڏيل قدم جي غير موجودگي ۾ بنگلاديش، ڀوٽان، ڀارت، مالديپ، نيپال ۽ سري لنڪا جي معيشت 2050 تائين هر سال 1.8 سيڪڙو ۽ 2100 تائين سراسري طور 8.8 سيڪڙو گھٽبي.
ان سان گڏوگڏ لاطيني آمريڪا جي امازون جھنگل جي تباهي ماحوليات جي حوالي سان هڪ وڏو الميو آهي. پکين ۽ جانورن وغيره کي نقصان ته پنهنجي جا تي پر ان سان ڪاربن ڊا آڪسائيڊ جو جيڪو اخراج ٿيندو اهو ان مقدار کان گھڻو وڌيڪ هوندو جيڪو هاڻي امازون جا وڻ ۽ ٻوٽا جذب ڪن ٿا ۽ ان جا اثر پوري دنيا تي پوندا. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته برازيل، جتي امازون جو هڪ وڏو حصو آهي ۽ جيڪو ان جي تباهي جو مک ذميوار آهي، جو صدر انهن ڪجھه ملڪن جي اڳواڻن ۾ شامل آهي جيڪي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيا.
قدرت جنهن پنڊ پهڻ، جانورن جي هڏن Fossil کي صديون اڳ زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو ان کي انسان تيل، ڪوئلي ۽ ٻي معدنيات جي صورت ۾ کوٽي ڪڍي پنهنجن معاشي مقصدن لا ڪتب آڻي رهيو آهي. تيل جي استعمال سان گڏ گھڻا ملڪ ڪوئلي جو وڏي پئماني تي استعمال ڪري رهيا آهن. انهن ۾ سڀ کان اڳتي چين آهي جنهن جي ڪوئلي جي کپت پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ٻئي نمبر تي ڀارت آهي جنهن جي کپت 11 سيڪڙو آهي ۽ ٽئين نمبر تي آمريڪا آهي جنهن جي کپت 8 سيڪڙو آهي. جڏهين ته پاڪستان سميت دنيا جا ٻيا گھڻا ملڪ بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ٻين معاشي سرگرمين لا ڪوئلي جو استعمال ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ڀارت سميت گھڻا ملڪ في الحال ان سلسلي ۾ ڪي اهم قدم کڻڻ لا تيار ناهن. ڀارت جو چوڻ آهي ته سندن معيشت جو گھڻو دارومدار ڪوئلي تي آهي ۽ 2050 تائين ئي ان سلسلي ۾ ڪجھه ڪري سگھندا.
هن وقت توانائي جي ذريعي طور ميٿون جو استعمال وڌي رهيو آهي. اهو زمين جي هيٺان پر گھڻي ڀاڱي سمنڊ جي هيٺان ملندو آهي. 1750 عيسوي کان ان جي مقدار ۾ ڏيڍ سو سيڪڙو واڌارو آيو آهي. ان جي ان گھڻي مقدار ۾ دستيابي ان جي استعمال کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي ڇڏيو آهي. ان ۾ هڪ عنصر ڪاربن ۽ چار عنصر هائيڊروجن جا هوندا آهن. گئس واري شڪل ۾ هئڻ ڪري ان کي ذخيرو ڪرڻ ۾ تيڪنيڪي مسئلا آهن. ان جي لا چيو وڃي ٿو ته اهو زمين کي گرم ڪرڻ ۾ ڪاربن ڊا آڪسائيڊ کان اٺاويهه ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي ۽ اهو استعمال کانپو ختم ٿيندي به پويان ڪاربن ڇڏي وڃي ٿو. گرين هائوس گيسن جي تابڪاري شعائن کي پکيڙڻ ۾ ان جو ويهه سيڪڙو حصو آهي. اهڙي ريت گرمي پد جي حوالي سان ان تي وڌيڪ توجھه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
گلاسگو ڪانفرنس پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ان ڳالهه جي نشاندهي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي. ڊگھي بحث مباحثي ۽ ڇڪتاڻ کانپو مختلف اهم ڳالهين تي شريڪ ملڪ متفق نه ٿي سگھيا. چين ۽ ڀارت خاص طور ڪوئلي جي استعمال کي گھٽائڻ تي راضي نه هئا جڏهين ته آمريڪا ۽ يورپي يونين جا ملڪ غريب ۽ ماحولياتي تبديلي جي ڪري متاثر ٿيندڙ ملڪن جي امداد لا ٻه ارب ڊالر جي امداد جي واعدي لا ڪو وقت مقرر ڪرڻ لا تيار نه هئا. ڪجھه متاثر ملڪن پاران پريس ڪانفرنس ڪري ان ڪانفرنس جي ناڪامي جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو ويو.
ان ڳالهه جي ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته جيڪڏهين گرمي پد کي صنعتي دور کان اڳ واري گرمي پد کان 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود ڪرڻ لا قدم نه ٿا کنيا وڃن ته اهو صدي جي آخر تائين 2.7 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جا امڪان آهن ۽ ان جا جيڪي اثر ٿيندا اهي هاڻي ئي واضح طور نظر اچن ٿا. ناسا جي هڪ تازي رپورٽ موجب زمين جو ماحولياتي ڪور اڃا وڌيڪ سنهو ۽ ڪمزور ٿي ويو آهي. موجوده صورتحال کي ڏسندي اهو چئي سگھجي ٿو ته ان سڀ جي باوجود گھڻن ملڪن کي ڌرتي ۽ انسان جي آئيندي ۽ جياپي کان وڌيڪ پنهنجا ٿوري مدي وارا معاشي مفاد وڌيڪ اهم نظر اچن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button