ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“سِرُ ڏيئي سَٽِ جوڙ”

Editorial-Article-Irshad Laghari

تنهن ڏينهن کانئس ڪنهن مطالعي جي باري ۾ سوال ڪندي پڇيو:
“اڄ ڪلھا ڀلا ڇا پيا پڙهو؟”
اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو سندس ديس ۾ هر پاڙهو ٻئي کان ميل ملاقات دوران روايتي انداز ۾ ڪندو ئي رهي ٿو. ظاهر آ جيڪي پڙهيل لکيل آهن ۽ اڃا به وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ ئي رهن ٿا، تن وٽ ته ان سوال جو ڪو بهتر جواب ٿي سگهي ٿو پر هي جيڪو ڪتابن جي باري ۾ گهڻي ڀاڱي اڻ ڄاڻ ئي آهي، تنهن وٽ ان سوال جو ڪهڙو جواب ٿي سگهيو ٿي!؟
سو هن مطالعي بابت سوال ڪندڙ کي ساڳي ئي ورندي ڏني جيڪا اڪثر اهڙا سوال ڪندڙن کي ڏيندو پئي آيو آهي ته:
“پاڻ اڃان پهرئين ئي ڪتاب ۾ آهيون”
اهو ڪتاب جيڪو هن پنهنجي گهر ۾ پورهئي جي اوزارن کان پوءِ پهريون ڀيرو جيئن ڏٺو ته اڄ ڏينهن تائين ان ڪتاب جي ڪائنات ۾ ئي سير ڪري ٿو.
اهو ڪتاب جنهن کي “شاهه جو رسالو” ڪري چون ٿا. هونئن به هي جنهن پورهيت گهر ۾ ڄائو، تنهن ۾ ڪتاب هئا به ته ڪونه. سو جيئن ئي سانڀر ۾ آيو ته هن پنهنجي ڇپرائين گهر جي ٻنجرن جي پاسن ۾ هر ڏٺا، پاڃاريون ڏٺيون، وٽوهڙ ڏٺا، ڏاٽا، رنبا، کهيڙا، ڪوڏرون ۽ ٻيانا ڏٺا. ڏاندن جي ڳلي جون ڳانيون ۽ چنگ ڏٺا. ۽ پوءِ انهن سمورن اوزارن ۽ سازن جو هڪ حد تائين استعمال به سکيو. ۽ پوءِ هڪ گهڙي اها به آئي جڏهن نيٺ مڪتب پُڳو ۽ اُتان جيئن ئي اکر شناس ٿيو ته هن پنهنجي گهر ۾ ان ڪتاب کي وڃي کولي ڏٺو جيڪو هن جي اسڪول جي ڪتابن کان پوءِ گهر ۾ اڪيلو اضافي ڪتاب هو. اهو ڪتاب هو تنهن ڪوي جو، جنهن جي لاءِ اڃا تائين محقق ان تي اتفاق نه ڪري سگهيا آهن ته آخر سندس تعليم ڪيتري هئي ۽ هو ڪٿي ڪٿي، ڪنهن ڪنهن وٽ پڙهيو؟ ها اهو لطيف، جنهن جي لاءِ هڪ ته اها ڪٿا مشهور آهي ته پاڻ “الف” کان اڳتي پڙهڻ کان انڪار ڪيائين پر ٻئي حوالي موجب ڪلام پاڪ، رومي جو داستان ۽ شاهه ڪريم سائين جو رسالو سدائين ساڻس ساڻ رهيا. ان حوالي مان پتو پوي ٿو ته پاڻ پڙهيل هو. باقي ڪيترو؟ تنهن جو تعين ڪرڻ ان ڪري به اجايو آهي، جو سندس فڪر مان اهو عيان آهي ته جيترو ڄاڻندا وڃو، تنهن کي پنهنجي عمل ۽ مشاهدي ۾ پرکيندا پڻ وڃو. نه ته ٻي صورت ۾ علم جو اهو اجايو بار کڻڻ ئي اجايو آهي. جيئن هڪ هنڌ فرمايو اٿائين:

جئين جيئن وَرَقَ وَرائِين، تيئن تيئن ڏٺو ڏوهُ
تنهن ڪَهڻِيءَ ڪبو ڪوهُ؟ جي رهڻِيءَ رهيو نہ سُپرين.
ها، ان ڪري، بس ان ڪري پنهنجي ان پهرئين ڪتاب ۾ جيڪي ڳالهيون کيس حيران ڪنديون ويون، تن جا هو پنهنجي وِت ۽ وَس آهر پيرا کڻندو ويو. ۽ اڄ تائين هو ان ڪتاب ۾ ٻڌايل آستانن ۽ نشانين جو رَتي برابر حصو به جڏهن مڪمل طور پنهنجي مشاهدي ۾ ناهي آڻي سگهيو تڏهن اڳيان وڌڻ جو سوال گهٽ ۾ گهٽ هن وٽ ته بهرحال اڃان اڻ لاڳاپيل ئي آهي. ها باقي جيڪي ٻيا دوست آهن، تن ۾ جيڪڏهن سمجهھ، شعور ۽ عمل جي ايتري سگهه آهي جو اهي سموري جڳ جهان جي علم تي نه فقط دسترس رکي سگهن ٿا بلڪ ان تي عمل ڪري، ان سموري علم سندو جوهر پنهجي ديس جي ماڻهن لاءِ مخصوص پڻ ڪري سگهن ٿا ته انهن جو پنهنجو اعلى مقام آهي ۽ شال اهي اڃا به گهڻو علم حاصل ڪري سگهن ته جيئن هن سادي سودي ديس جي سلامتي جي ڪا راهه هموار ٿي سگهي، جنهن ديس جي عام فهم وارين چوڻين ۾ عالمن لاءِ هڪ چوڻي اها به مشهور آهي ته:
“پڙهيو ته اُٺ ڪتابن جا هلي پر لڇڻ ٽڪي جو به ڪونه اٿس.”
هاڻ اها ڳالهھ سمجهھ ۾ نٿي اچي ته هن ديس وٽ “لڇڻ” وارو جيڪو معيار ۽ ماپو آهي، تنهن ۾ ڇا جي طلب آهي؟ بس اها مام جن به سمجهي ورتي، سي ئي هن ديس توڙي جڳ جهان جي عام انسان جي اميدن تي پورا لهي سگهن ٿا.
ها باقي جيتري قدر هن کان مطالعي بابت ٿيندڙ سوال جو تعلق آهي ته ان جو هن جواب سوچيندي سوچيندي تنهن ڏينهن وڃي ان ڳالهه ۾سهيڙيو ته:
آئون ڪچهري آهيان پنهنجي ديس جي
ساک گيڙو ويس جي
آئون ڌڻن جي واپسي جو پُور آهيان
سُور آهيان تنهن سُنگ جو
جو پٽيون پنهنجيون
ٻَڌي ٿو پاڻ ۾
اونهي ڪنهن اُهڃاڻ ۾
۽ نه سلي ٿو مام
ڪنهن بي سُور سان
ڇو ته جو وڍيو نه آ
ڪنهن ڪات سان
“لا” سندي لولي
بِرهه جي بات سان
تنهن سگهي کي ڪل ڪهڙي؟
ڪير هِن واڍوڙيا!!
جن جُسي پنهنجي اندر
خفي خيما کوڙيا
ڪين ڪي باهوڙيا
جن جڏهن ڪاهيو تڏھن
سِڌا سندي يار ڏي
نه ڪهين ٻي پار ڏي
ڀل کڻي تنهن پار ڏي
حاصل لک هزار جو
پر ناهي سو ڪنهن ڪار جو
ڇاڪاڻ ته اٽڪل سندو
سڀ وکر بيڪار آهي
جنهن ۾ نه اعتبار آهي
۽ اهي واڍوڙيا
جن وٽ وِڄا ويساهه جي
رِندن سَندي راهه جي
سي ڪيئن ڀلا ٻيو در ڏسن
جن ڏٺو در يار جو
دلدار جو.
سو ادا جي پڇين ٿو
مون ڇا پڙهيو؟
ته پوءِ ٻُڌ ڀلا!!
مون پڙهيو آه
“ڪجهه به نه”
۽ تنهن ڪُجهه به نه جي ڪَل ڪَلا ۾
ڪاڪ جي مڪتب سندو
جي چکين تون ذائقو
ته ڪيئن ٻڌين تون
ٻيلھه ٻيهر تن ٻگهن سان
جن ڀريون پنهنجيون گُجيون
ڇاڇر منجهان
ڪاڪ جو مڪتب ته آهي هنج جو
جو سدا آهي سفر ۾
اونهي ۾ اوڙاهه جو
جنهن کي نه سانگو ساهه جو
ڀل کڻي پڃرو ٿئي
پر سوا ماڻڪ جي ٻيو
ڪين ٿو چاهي ڪڏهن
ها بس تڏهن ٿو چوان
تن هنجن سان
جنهن به ڪو پل گهاريو
تنهن پاڻ کي وساريو
سڀ ڄاڻ کي وساريو.
ايئن هن پنهنجي مطالعي بابت احوال کي اڌو گابرو اڀري سڀري حال ۾ اڃان پورو ئي مس ڪيو ته اُتر واءُ سج کي ٺاري اچي اولھه جي واڙ ۾ واڙيو. هن تڪڙيون ٻرانگهون کڻڻ شروع ڪيون ته جيئن آشرم جي سَنجها جو سنيهو سڻي سگهي. ايئن هي واڪيندو اچي آشرم پهتو.
سج لٿي جون وٽيون ڀرجي رهيون هيون ۽ سڀ پنهنجي پنهنجي پاسي ويٺل هئا. ايتري ۾ ساڌو سياري جي مند جي آمد واري رسم طور پهرين وٽي وڌائيندي گُروءَ جو هي گيان آلاپڻ شروع ڪيو:
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پَرِ ڪَلالن سين
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ
مَرڻان مُنهن مَ موڙ، وَٽِي ٿِي وڌِ لهي.
بس آلاپ ڇا هئا ڄڻ ٻنهين جهانن جي ڪيف جو سامان بڻجي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button