ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت جون من مانيون، مخالف ڌر ۽ مهانگائي

Editorial-Article-Mazhar Khaskheli

تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ سندس اتحادين پاران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ 221 جي اڪثريت سان سينيٽ پاران رد ڪيل بلن سوڌو 29 جي لڳ ڀڳ بل منظور ڪرائي ورتا آهن. اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪري ڪيون ويون. ترميمون رد ٿيڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف سميت اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا. حڪومت ڪلڀوشن کي نظرثاني اپيل جو حق ڏيڻ ۽ چونڊ سڌارن سميت 29 بل منظور ڪري ورتا.
هيءُ جيڪي ڪجهه گڏيل اجلاس ۾ ٿيو ۽ جهڙي نموني سان مخالف ڌر جي سمورن پارٽين گڏيل اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، ان کان پوءِ وري حڪومت جماعت اپوزيشن جي غيرموجودگي جو فائدو وٺندي حڪومت پنهنجا بل منظور ڪرائي ورتا آهن. هيءُ حال اسان جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل ايوان جو آهي، جيڪي بل پاس ڪرايا ويا آهن، اهي صحيح آهن جا وري غلط ان جو فيصلو اسان ايندڙ وقت تي ٿا ڇڏيون ڇو ته تاريخ سدائين پنهنجا فيصلا ڪيا آهن، پرِ انهن ۾ ڪجهه دير ضرور لڳي آهي. هن ملڪ جي عوام کي هن وقت ڏندين آڱريون اچي ويون آهن. هر ننڍي وڏي شهر ڳوٺ جي چوڪ، چوراهن، اوطاقن ۽ هوٽلن تي ويٺل ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇن پيا ته جڏهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جو انگ 219 ۽ حڪومت جماعت جي اتحادين جو انگ 222 آهي 16 ووٽر مخالف ڌر جي جماعتن جا ايوان ۾ نه آيا. جڏهن ته گڏيل اجلاس ۾ حڪومت پنهنجا بل 221 ووٽن جي اڪثريت سان پاس ڪرائي وئي ڇو ته آئين موجب پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان 221 جي ووٽن سان جيڪي بل پاس ڪيا ويندا، انهن کي آئيني حيثيت هوندي، اهڙي ڳالهه ميڊيا تي اچي پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو به ڪئي آهي.
جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ حڪومت اسان جي ڳڻپ موجب پنهنجا 4 ووٽ وڌيڪ ڳڻپ ۾ شامل ڪري 217 آيل ايوان اندر ميمبرن جي انگ اکر تي 221 ظاهر ڪري بل پاس ڪرايا آهن، جن کي هر فورم تي چيلينج ڪنداسين. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي يا غلط، ان کي ثابت ڪرڻ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پارٽين جو معاملو آهي. عوام کي ڪير سمجهائي ته هن ملڪ ۾ سدائين ايوانن کي سگهاري ڌرين پنهنجي آڱر جي اشاري سان هلايو آهي. باقي ملڪ جي سياست مٿان پنهنجون نظريون رکندڙ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته جنهن نموني سان سينيٽ جي ايوان ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جو انگ 57 آهي، جڏهن ته حڪومت جماعت ۽ ان جي اتحادين جو سينيٽ ۾ انگ 42 هجڻ جي باوجود سينيٽ جو چيئرمين حڪومت پنهنجو چونڊرائي وئي ۽ ان تي مخالف ڌر جي پارٽين ڪجهه به نه ڪيو. ان ڪري موجوده تحريڪ انصاف جي حڪومت مٿان جنهن وقت تائين سگهارين ڌرين جو هٿ آهي، ان وقت تائين کين ڪير ڪجهه نٿو ڪري سگهي ۽ اهي ساڳيون ڌريون آهن جن مخالف ڌر جي چونڊيل نمائندن کي ايوان اندر اچڻ کان جهلي ڇڏيو، يا وري ڪڏهن ووٽ پنهنجي مرضي موجب وجهرايو آهي. باقي هتي جيڪا حڪومت ايندي آهي، اها فقط گذري ويل حڪومتن کي سمورن مسئلن جو ذميوار سڏيندي آهي. اهڙو عمل موجوده تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ وزير اعظم عمران خان ٽن سالن کان هن ملڪ جي سموري خراب صورتحال ۽ معيشت جي تباهي جو ذميوار اڳين حڪومتن کي سڏي ٿو. جڏهن ته سچ اهو آهي ته سندس حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ ملڪ اندر ڪنهن به اداري ۾ ڪنهن به قسم جا سڌارا ناهي آڻي سگهي، جنهن جي ڪري ملڪ جي معيشت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي. ان ڪري مسڪين ماڻهو تمام تڪليف ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.
سڄي ملڪ ۾ ڪجهه وڏن شهرن کان سواءِ مزدور کي مزدوري 5 کان 4 سئو مس ملي ٿي ۽ سڄي مهيني ۾ انهن مزدورن جي ٺهي ٿي 12 يا 15 هزار جڏهن ته ڪٿي به ڪنهن مزدور پورهيت کي سڄو مهينو هڪ هنڌ مزدوري گهٽ ملي ٿي، ان جي ڪري مزدور ۽ هاري ويچاري جي سورن سان سراسري مهينو آمدني 7 کان 10 هزارن تائين بيهي ٿي. ان ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه وري به اها آهي ته جيڪو مهانگائي جو نئون طوفان تحريڪ انصاف جي حڪومت آندو آهي، ان ۾ مسڪين پورهيت، مزدور، هر هاري ويچارو ڪٿي پنهنجو ۽ پنهنجن معصوم ٻارڙن جو پيٽ ڀري سگهندو. ان لاءِ سڄي ملڪ ۾ مهانگائي جهڙي نموني سان وڌي وئي آهي. مسڪين ماڻهو خاص ڪري پورهيت جيڪو روز ڏهاڙي تي ڪمائي ٿو اهو مزدور ۽ هاري گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ پريشان آهي. جيڪڏهن اٽو وٺي ٿو ته ڀاڄي نٿو وٺي سگهي ۽ جيڪڏهن ڀاڄي وٺي ٿو ته گيهه ۽ تيل نٿو وٺي سگهي. هن ملڪ ۾ گهڻي ۾ گهڻو مهانگائي کي منهن پورهيت ۽ هاري ڏئي رهيا آهن، جن جي گهرن ۾ هڪ ويلي جي چلهه ٻري ٿي ته ٻئي ويلي جي نه ٿي ٻري. جيڪڏهن ڪو گهر ڀاتي بيمار ٿي پوي ٿو ته ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته بنا ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ٺيڪ ٿي وڃي پر جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿيو ته مهينو کن کٽ تي پيو هوندو آهي.
هڪ طرف بک ٻئي طرف بيماري ان پورهيت ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏي ٿي، جيڪو ڏينهن جو ڪمائي ٿو ۽ رات جو ننڊ نٿو ڪري ٿو، اهو پورهيت پنهنجي گهر جون حالتون ڏسي ذهني مريض بڻجي ٿو وڃي ۽ اهڙا سڄي ملڪ ۾ هزارين پورهيت ۽ مزدور آهن، جيڪي پنهنجي زندگي جا ڏکيا ڏينهن گذاري رهيا آهن، جن کان هن وقت تائين هنن جا ڏک سور ڪير پڇڻ وارو ناهي. هڪ پاسي وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف ۽ هن جي اتحادين جي آهي ته ٻئي پاسي وري سنڌ ۾ حڪومت پ پ جي موجود آهي. ان ڪري جهڙي نموني سان وفاق جي سياست ڪندڙ سمورين پارٽين گڏجي هن ملڪ جي عوام کي مهانگائي ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. باقي رهيون هن ملڪ جون سگهاريون ڌريون ۽ وفاق جي سياست ڪندڙ اقتداري پارٽيون ته انهن جو پاڻ ۾ رابطو لڳو پيو آهي. انهن جي مرضي آهي جهڙو وڻين قانون ڪنهن وقت پاس ڪرائي ڇڏين، هنن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي ۽ اهو به سچ آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ سياسي پارٽين عوام جو ڀروسو وڃائي ڇڏيو آهي.
هڪ پاسي انهن مٿان لڳندڙ ڪرپشن جا الزام هو ڪوڙا ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته ٻئي پاسي وري مهانگائي خلاف وفاقي سياست ڪندڙ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ سميت ٻيون جماعتون ڀرپور احتجاجي تحريڪ جا وري احتجاج ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. ان ڪري به عوام جهڙي ريت موجوده تحريڪ انصاف جي حڪومت مٿان ڪاوڙيل آهي. ان ساڳي ريت انهن مٿان به ڪاوڙيل آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هن وقت تائين ڍر ڏئي مخالف ڌر اندر ويٺل پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جون جماعتون يا ته تحريڪ انصاف جي پاليسين جون حامي آهن جا وري کين ملڪ جي سگهارين ڌرين پنهنجي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ جو چئي خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي. هاڻي ته اها ساڳي ڳالهه ملڪ جا تجزيي نگار به چوڻ ۾ دير ڪونه ٿا ڪن، جن جو پڻ اهو چوڻ آهي ته جهڙي نموني تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت پنهنجي اتحادين سان ملي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس مان لاڳيتا 29 بل پاس ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ مخالف ڌر جون سموريون ترميمون رد ڪري ڇڏيون آهي، اهڙي صورتحال کان پوءِ هاڻي ڏسجي ته مخالف ڌر جون پارٽيون تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پريشان ڪرڻ لاءِ پنهنجون ايندڙ حڪمت عمليون ڪهڙيون ٿي جوڙي ۽ ڏسجي ته مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت جا وري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد آڻي ٿي يا نه، اهو سڀ ڪجهه مخالف ڌر جي پارٽين پاران هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ کان پوءِ ڏسي سگهجي ٿو. باقي تحريڪ انصاف جي حڪومت جون من مانيون جهڙي ريت ۽ نموني سان ڏينهون ڏينهن وڌي ويون آهن. ان مان لڳي ٿو ته سگهارين ڌرين کين ان ڳالهه جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي ته مخالف ڌر جي جماعتن کي هو ڪنهن به صورت ۾ گڏ ٿيڻ نه ڏيندا. هاڻي ڏسجي ته مخالف ڌر جون جماعتون گڏ ٿيون ٿين يا اڃان به تحريڪ انصاف جي حڪومت جون وڌيڪ من مانيون ٿيون برداشت ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button