عالمي

جيترو چاهي اچي کائو واري ريسٽورينٽ همراهه تي پابندي لڳائي ڇڏي

چين جي شهر جانڪشا ۾ جيترو چاهو اچي کائو جي نالي سان واقع ريسٽورينٽ هڪ همراهه تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ان تي الزام آهي تھ هو تمام گهڻو کائي ٿو. ڪينگ نالي يوٽيوبر ۽ اسٽريمر ميڊيا کي ٻڌايو تھ هن جي مٿان سامونڊي بار بي ڪيو نالي ڪمپني پابندي لڳائي آهي. هن ٻڌايو تھ ريسٽورينٽ جي دعوا آهي تھ اوهان هڪ مخصوص رقم ڏئي وڏي مقدار ۾ کاڌو کائي سگهو ٿا، پر انهن مٿس پابندي لڳائي آهي. هن چيو تھ هن پهرين مرحلي ۾ ڏيڍ ڪلو گوشت کاڌو، بعد ۾ مون ساڍن ٽن کان 4 ڪلو جهينگا کاڌا آهن، ڇا اهو ڪو ڏوهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button