انور ابڙو ڪهاڻيڪار به آهي، شاعر به آهي ۽ صحافي به آهي. هي انور جي ڪهاڻين جو چوٿون ڪتاب آهي. ان کانسوا سندس ڪجھه ناول ۽ مضمونن جا ڪجھه ٻيا ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.
منهنجي آڏو هن وقت سندس ڪهاڻين جو مجموعو پرسڪون چهري جي آتم ڪٿا آهي. آئون اهو سمجھان ٿو ته سماج ۽ ان جي ماڻهن جي روين، عمل، ردعمل ۽ زندگي کي سمجھڻ لا اتان جي ادب کي پڙهڻ ضروري آهي. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين سنڌي ادب ۾ پڻ ملي ٿي. پاڪستان جي ٺهڻ کانپو ايستائين جيڪي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تبديليون آيون آهن ان جا عڪس سنڌي ڪهاڻي ۽ شاعري ۾ پڻ ملن ٿا جن جا موضوع وقت ۽ حالتن سان گڏ تبديل ٿيندا رهيا آهن.
سنڌي ليکڪ جو ٻهراڙي ۽ خاص طور پنهنجي ڳوٺ سان هڪ مضبوط ناتو رهيو آهي. شهر کين اوپرا محسوس ٿيندا آهن. اها ڳالهه خاص طور ڪراچي لا چئي سگھجي ٿي جيڪو صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي اندر هڪ شهر جون خاصيتون رکي ٿو. حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سميت سنڌ جا جيڪي ننڍا وڏا شهر آهن اهي هڪ لحاظ کان ٻهراڙين جي ئي توسيع آهن. اڌ ٻهراڙي ۽ اڌ شهر. ان ڪري انهن شهرن ۾ رهندڙن کي گھڻي اوپرائپ محسوس نه ٿي ٿئي.
مون اهو محسوس ڪيو آهي ته منهنجا گھڻا اهڙا دوست رهيا آهن جن جي لا ڪراچي ۾ رهڻ نوڪري يا ٻئي ڪنهن ڪارڻ هڪ مجبوري رهي آهي ۽ اهي هتان نڪرڻ لا ڪنهن موقعي جي ڳولا ۾ رهيا آهن. انور سان ذاتي ۽ ادبي لحاظ کان منهنجو گھڻو واسطو رهيو آهي. منهنجي اندازي موجب کيس ڪراچي ۾ رهندي ٽيهه سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. سندس صحافتي ڪيريئر ۽ نوڪري ڪراچي ۾ ئي رهي آهي.
مون کي الائي ڇو ائين لڳندو آهي ۽ سندس ڪجھه ڪهاڻين مان به مون اهو محسوس ڪيو آهي ته منجھس ڪراچي ڇڏڻ ۽ ڳوٺ وڃڻ جو هڪ لاڙو موجود آهي. خاص طور گذريل گھڻي عرصي کان شهر جون حالتون غير مستحڪم رهيون آهن. دهشت گردي سان گڏ امن امان جي خراب صورتحال گھڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي. انور ان موضوع تي اڳ به ڪجھه ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ هن مجموعي ۾ پڻ شهر جي حوالي سان ڪجھه ڪهاڻيون شامل آهن.
ان سلسلي جي پهرين ڪهاڻي ڳوٺ ۽ شهر جي گفتگو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال ۽ اتان جي ماڻهن جي زندگي جي معيار ۾ وڏو فرق آهي. ليکڪ ان کي سٺي نموني بيان ڪيو آهي. پر هڪ ڳالهه کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته ان جي لا ٽول پلازه جي ٻئي پاسي وڃڻ جي ضرورت ناهي پر ڪراچي شهر جي وچ ۾ اهڙا گھڻا ڳوٺ آهن جيڪي ان ميٽروپوليٽن شهر جو حصو هوندي به بنيادي شهري سهولتن کان محروم آهن جيڪي سڏ پنڌ تي موجود سندن پاڙيسرين کي حاصل آهن.
ان حوالي سان ٻي ڪهاڻي ڊڄ آهي. اها هڪ نفسياتي ڪيفيت آهي جنهن مان شهر جي صورتحال جي ڪري گھڻا ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ڪهاڻي پڙهندي مون کي لڳو ته ڄڻ اها منهنجي پنهنجي صورتحال ۽ ڪيفيت آهي. ماڻهو کي گھڻا وهم وسوسا وڪوڙي وڃن ٿا ۽ هو گھڻا ڊپ جيڪي موجود نه ٿا هجن اهي به پاڻ تي طاري ڪري ٿو ان جو هڪ حل هڪ ڳوٺاڻي لا شهر ڇڏي پنهنجي ڳوٺ هليو وڃڻ آهي جيئن ان ڪهاڻي جو ڪردار غلام علي ڪري ٿو.
ڪهاڻي منهنجو شهر به شهر جي ابتر حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن ۾ ڪهاڻي جي ڪردار اياز کي صبوح دفتر لا نڪرڻ کان وٺي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو ۽ آخر ۾ شام جو هو ڦرجي اچي گھر پهچي ٿو.
ٽائٽل ڪهاڻي پرسڪون چهري جي آتم ڪٿا پريل جي هڪ دور جي ڏکن ڏولاون ۽ انهن کي ڪردار جي مضبوطي سان منهن ڏيڻ جي ڪٿا آهي. اها هڪ مثبت ڳالهه آهي ته هو چئي ٿو ڪراچي منهنجي ٻارن جي جنم ڀومي آهي ۽ هتي ئي سندن آئيندو آهي.
هن مجموعي ۾ ننڍيون وڏيون ڪل سٺ ڪهاڻيون شامل آهن. انهن ڪهاڻين ۾ ڳوٺ ۽ شهر جا مختلف ڪردار ۽ مسئلا آهن. انهن ڪردارن سان ليکڪ جو ورتا هڪ پنهنجائپ ۽ همدردي وارو آهي.
انور جي شعوري زندگي جو جيڪڏهين سڄو نه ته به ڳپل حصو ڪراچي ۾ گذريو آهي. شهر سندس شعوري تربيت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان سان سندس گھڻيون خوشگوار يادگيريون به آهن. اهي جيڪڏهين لکت ۾ اچن يا سندس ڪهاڻين جو موضوع بڻجن ته پڙهندڙ کي ليکڪ جي شخصيت جو هڪ ٻيو پاسو پڻ ملي ويندو.