ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي گرفتاري ۽ آزادي

Editorial-Article- Mohammad khan Sial

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، عمران خان جي گرفتاريءَ کي غيرقانوني قرار ڏئي کيس ترت آزاد ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان ٻيهر رابطي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ اهڙو ترت فيصلو ڪيو.
مون تازو سپريم ڪورٽ بابت هڪ ڪالم لکڻ جو ارادو ڪيو ته ملڪ جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سياسي پارٽيءَ جي سربراهه خلاف اٽڪل 127 ڪيس ملڪ ۾ داخل ٿيل آهن پر هاڻي وزيراعظم نه هئڻ ۽ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود کيس گرفتار ڇو ڪو نه ٿو وڃي ته اوچتو خبر پيئي ته کيس پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو آهي. بهرحال، جيڪڏهن انهيءَ جاءِ تي ملڪ جا هاڻوڪا حڪمران هجن ها ۽ ايترن گھڻن ڪيسن جي ڀيٽ ۾ کڻي ٿورا ئي ڪيس هجن ها ته به کين عدالتون ظاهري طور کين گرفتاريءَ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏين ها. معلومات لاءِ هڪ مثال ڏيڻ ئي کوڙآهي ته ملڪ جي پنج سال جي حڪومت ڪندڙ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي اٽڪل 14سال جيل ۾ وڌو ويو ۽ سندس خلاف ڪيترا ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل هئا پر عدالتون هڪ خاص ڏوهه به ثابت ڪونه ڪري سگھيون. نه رڳو ايترو پر ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف توڙي هاڻوڪو وزيراعظم شهباز شريف به ڪيترا ڀيرا گرفتار ڪيو ويو هو.
هڪ اهم ڳالھه جي سمجھاڻي ڏيڻ مناسب آهي ته جيڪڏهن سياستدانن خلاف جائز پر مناسب شڪايتون آهن ته ڀلي عدالت کين گرفتار ڪري، چاهي اهي حڪومت ۾ هجن يا ٻاهر پر ملڪ جي وڏن عهدن تي حڪمراني ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي، قانون موجب گنجائش گھٽ هوندي آهي.
ميڊيا موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب جي حڪم تي رينجرز 9 مئي 2023ع تي گرفتار ڪيو. عمران خان ستن ڪيسن جي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو هو جتي رينجرس کيس قبضي ۾ ورتو. نيب جي اعلان موجب عمران خان تي “ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽس” جو الزام هو. اها به خبر ڇپي هئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي 121 ڪيسن جي ڪارروائي روڪڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ رکيو. عمران خان طرفان بئريسٽر سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته عمران خان خلاف رڪارڊ تي 127 ڪيس داخل آهن.
ٻئي طرف، عمران خان گرفتاريءَ کانپوءِ رڪارڊ وڊيو بيان ڏنو آهي ته ٿي سگھي ته اوهان سان ٻيهر ڳالهائڻ جو موقعو نه ملي پر سندس دعوا آهي ته پاڪستاني، قومي طور مون کي 50 ورهين کان سڃاڻين ٿا ته مان ڪڏهن به آئين خلاف ڪونه ويو آهيان ۽ نه ئي ڪڏهن پاڪستان جو قانون ٽوڙيو آهي.
بهرحال، جيو نيوز موجب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گرفتاريءَ کي قانون موجب قرار ڏنو هو. ان کان اڳ، وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته”عمران خان جي پڪڙ ضرور ٿيندي. تحريڪ انصاف چيئرمين مٿي کان پيرن تائين هڪ ڪوڙو ۽ مڪار شخص آهي. سندس دور ۾ بي انتها پئسا ۽ وقت ضايع ڪيو ويو.” ليکڪ طور منهنجي بي ريا تبصرو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف، عمران خان کي ڪوڙو ۽ مڪار سڏيو آهي سو، سو سيڪڙو درست آهي. مان پنهنجي اها ڳالهه ورجايان ٿو ته عمران خان پوڻا چار سال وزيراعظم رهيو پر هن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ عملي طرح نه اڳ سچي دل سان ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي پوءِ. رڳو سکڻا ۽ سهڻا بيان ڏئي عوام کي متاثر ڪرڻ جي اڳ به ڪوشش ڪئي آهي ۽ هاڻي به ڪري ٿو. عام ماڻهن ۾ رڳو سکڻن بيانن سان هٿ ٺوڪي مقبوليت حاصل ڪري سڄي ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو. سندس دور ۾ عمران خان ۽ سندس حامين فيس بوڪ تي گارين جو عام استعمال ڪيو. فيس بوڪ تي پوسٽن وسيلي عمران جي واکاڻ ڪندڙن کان، عام مسئلن جا جواب پڇندو هئس ته هو اصل سوال جو جواب ڏيڻ بدران سدائين آصف زرداريءَ کي گاريون ڏيندا هئا پر اصل سوال جو جواب ڪونه ڏيندا هئا. وزيراعظم طور عمران خان هڪ ڀيري چيو هو ته سنڌ اسان جي ناهي. مون کي سندس اهڙو بيان پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. بهرحال عوام، عمران خان ۽ سندس حامين جي لاڳيتي ملڪي سازشن کان هوشيار رهڻ ئي ملڪي فائدي ۾ بهتر هوندو پر سپريم ڪورٽ کيس آزاد ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو عمران ناجائز فائدو وٺي وڌيڪ ڏوهه ڪندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button