ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي سرچاءَ جو لهندڙ سج

Editorial-Article- Ajaz Mangi

سپريم ڪورٽ پاران عمران خان کي مليل رليف ملڪي انصاف جي تاريخ ۾ هڪ مثال ٿي رهندو. هن وقت سوال اهو آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ جي ڏنل ان فيصلي کان پوءِ ملڪي سياست سرچاءَ طرف وک وڌائيندي يا اڃان پهريان کان وڌيڪ مانڌاڻ مچندو؟
ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ کان اڳ عمران خان جي گرفتاري ۽ اسٽيبلشمينٽ سان هن جي ويڇي جو پسمنظر ڏسڻ گهرجي. عمران آءِ ايس پي آر جي پهرين بيان کان پوءِ گرفتار ٿيو. آءِ ايس پي آر جي ٻئي بيان بعد تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت گرفتار ٿي رهي آهي. جڏهن ته انهن ٻنهي بيانن جو وقت ۽ ماحول الڳ الڳ هو. آءِ ايس پي آر جو پهريون بيان عمران خان جي حوالي سان هو. ان بيان جو مقصد صرف ايترو هو ته عمران خان کي فوج جي حاضر سروس آفيسر مٿان الزام نه هڻڻ کپن. جڏهن ته اهڙي بيان جي موٽ عمران خان پاران ان وقت ڏني وئي، جڏهن هو لاهور کان اسلام آباد طرف عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اچي رهيو هو. هن آءِ ايس پي آر جو نالو وٺي ۽ ساڻس مخاطب ٿيندي پنهنجو پراڻو بيان ورجايو ۽ ان سان گڏ اهو به چيو ته هو جيل وڃڻ جي لاءِ تيار آهي. ڇا عمران خان کي اڳواٽ اهو اطلاع هو ته هو هن ڀيري ڪنهن به طرح سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان کنڀيو ويندو؟
عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بايوميٽرڪ واري ڪمري ۾ ويٺو هو ته رينجرز پوري تياريءَ سان درين جا شيشا ٽوڙيندي ۽ عمران جي سڪيورٽيءَ کي سختي سان ڌڪيندي، کيس اک ڇنڀ ۾ کڻي وئي ۽ پوءِ اهوئي ڪجهه ٿيو جيڪو هن مهل تائين ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت ان عمل ۾ ايتري شدت نه آهي پر عمران خان جي گرفتاريءَ جي پهرين ڏينهن تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو پوري ملڪ جي حيرت جو آخري حد وارو منظر هو. هن وقت تائين پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري اسد عمر، ترجمان فواد چوڌري ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي گرفتار ٿي چڪا آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڪثر قيادت بظاهر روپوشيءَ جي راهه وٺي چڪي آهي.
ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران حساس عمارتن ۽ آفيسن مٿان چڙهايون ۽ انهن کي ڏنل باهيون قابل مذمت قرار ڏيندي سخت لفظن ۾اعلان ڪيو آهي ته ڪنهن کي به معاف نه ڪيو ويندو. اهڙي طرح هن وقت پاڪستان پنهنجي ويجهي تاريخ جي سڀ کان مشڪل موڙ تان گذري رهيو آهي. حڪومت سوشل ميڊيا تي مڪمل پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ٽوئٽر، فيس بڪ ۽ اظهار جي ٻين ويب سائٽن مٿان ته هڪ پل لاءِ به پابندي نه هٽي آهي، جڏهن ته يوٽيوب جي سروس ڪڏهن اچي ٿي ۽ ڪڏهن وڃي ٿي. باقي پوري ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سروس ايتري ته سلو ٿي وئي آهي جو پورو ملڪ معاشي ۽ انتظامي ڏيتي ليتيءَ جي سلسلي ۾ بحران جي ور چڙهي ويو آهي. هڪ طرف اها صورتحال آهي ۽ ٻي طرف وڳوڙن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ فوج کي مقرر ڪيو ويو آهي. هن وقت اهم ماڳن تان اهڙا اطلاع اچي رهيا آهن ته ملڪ ۾ ڪنهن به وقت ايمرجنسي مڙهجي سگهي ٿي. خاص طور تي ان جو دارومدار هلندڙ هنگامي صورتحال تي آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو احتجاج تشدد جي راهه وٺندو رهيو ۽ سرڪاري عمارتن ۽ ملڪيتن کي اهڙي طرح باهيون ڏيندو رهيو، جهڙي طرح پشاور ۾ ريڊيو اسٽيشن کي نظر آتش ڪيو ويو ته پوءِ ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت نه لڳندو.
پاڪستان جي هلندڙ سياسي وڳوڙ تي عالمي سطح کان به بيان اچي رهيا آهن. اهڙي ريت پاڪستان تمام گهڻي پريشر هيٺ آيل آهي. هن مهل تمام گهڻا افواهه گردش ڪري رهيا آهن. ڪوئي به پڪ سان چئي نه ٿو سگهي ته ڪنهن وقت ڪهڙو افواهه حقيقت جو روپ اختيار ڪري وٺندو ۽ ملڪ ڪهڙي موڙ طرف مڙي ويندو؟ ڪنهن کي به ايتري پختي پڪ ناهي. ڇو ته فيصلا صورتحال جي حوالي سان ٿي رهيا آهن.
تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ سوا سال کان وٺي جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي هئي، جيڪڏهن ان کي سمجهه ۽ صبر سان سلجهايو وڃي ها ته هوند انهن حالتن کان بچڻ جو ڪو چانس حاصل ٿي سگهي ها.
عمران خان سان گذريل ڏينهن احتساب عدالت ۾ جيڪي مليا ۽ جن تائين عمران خان پنهنجو پيغام پهچايو، انهن جو موقف آهي ته عمران خان پنهنجي عزم تي اٽل آهي ۽ هن جو حوصلو تمام گهڻو بلند آهي. عمران خان جون جاري ٿيل تصويرون ۽ هن جي حوالي اسان رپورٽ ٿيل ڳالهين مان به اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هو خوف ۽ حراس ۾ ناهي پر مسئلو اهو آهي ته ان قسم جو ٽڪراءُ ڪنهن به طرح سان ملڪ جي مفاد ۾ ناهي.
عمران خان کي سمجهڻ گهرجي ته هن جي پارٽي ڪا تاريخ جي نظرياتي انقلابي پارٽي ناهي، جيڪا سالن جا سال ۽ نسل در نسل پنهنجي پرعزم جدوجهد جاري رکندي. تحريڪ انصاف هڪ مڊل ڪلاسي ۽ محدود سوچ واري سياسي جماعت آهي. اها پارٽي ايتري وڏي آزمائش کي منهن نه ڏئي سگهندي، جيتري آزمائش وارو ماحول هن وقت مچي رهيو آهي. ان حوالي سان عقل ۽ فهم جي تقاضا اها آهي ته ڪنهن به طرح سان بنا وقت وڃائڻ جي نبيري جي راهه نروار ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان جي رياست کي به اهو احساس ڪرڻ گهرجي ته ڪو به ملڪ پنهنجي عوام سان ٽڪراءَ ۾ ڪا عظمت حاصل ڪري نه ٿو سگهي. امن جو رستو ئي عظمت جو رستو آهي. اهو امن حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي انا جي قيمت کي ڪنهن به طور تي ڏسڻ نه گهرجي.
حڪومت هڪ الڳ سياسي ڌر آهي. حڪومت جي اها ڪوشش هوندي ته تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ٽڪراءُ وڌي ۽ معاملو ان حد تائين پهچي جو نبيرو نڪري ئي نه سگهي. ان صورت ۾ حڪومت کي اقتدار ۾ هجڻ جو واضح امڪان نظر اچي ٿو. جيڪڏهن نبيري جي واٽ نڪري آئي ته حڪومت کي مدو پورو ٿيندي ويراڳ واري واٽ وٺڻي پوندي. پر اهو سڀ ڪجهه ملڪ جي مفاد ۾ هوندو. ملڪ هن مهل سخت ۽ تمام مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. معاشي طور تي ڪمزور ملڪ لاءِ ايترو گهڻو سياسي ۽ انتظامي پريشر جو بار ڪنهن به طرح سان برداشت جوڳو ناهي. ان حوالي سان عقل ۽ سمجهه جي تقاضا اها آهي ته ڪنهن طرح سان پرامن نبيري لا سرچاءَ واري سياست کي اڳتي اچڻ ڏنو وڃي. سپريم ڪورٽ پاران عمران خان کي مليل رليف هن جي مخالفن لاءِ قابل قبول هوندو؟ جڏهن سرچاءَ واري سياست جو سج لهندڙ هجي ته اهڙي اميد تمام جلد اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button