ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سانگهڙ ۾ رولڙي جو شڪار پاڻي رٿا

Editorial

ملڪ ۾ اڄ به ڪيترائي شهر اهڙا آهن، جتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت نه هئڻ برابر آهي. شهري پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ احتجاج ڪندا رهندا آهن. اهي نه رڳو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان هوندا آهن پر جيڪو پاڻي انهن کي پيئڻ لاءِ ملي ٿو اهو ايترو ته گدلو هوندو آهي جو اهي گڙدن جي بيمارين جو شڪار ٿي ويندا آهن، نتيجي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو گڙدن جي بيمارين ۾ ورتل آهن. پر حڪومت ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. اها نه ته صاف پاڻي ماڻهن کي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي اهي اسڪيمون پوريون ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري ٿي، جيڪي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي پيئڻ جي سهولت فراهم ڪن ٿيون. هن وقت به سنڌ جي ڪيترن ئي شهر ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهندڙ واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون اڻ پوريون لڳيون پيون آهن ۽ انهن اسڪيمن تي عوام جي ٽيڪس مان لڳايل پئسو آهي. جيڪڏهن انهن کي پورو نٿو ڪيو وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته عوام جا چونڊيل نمائندا انهن کي اسڪيمن کي ڄاڻي واڻي مڪمل نه ڪري رهيا آهن. سانگهڙ ۾ به ڪجهه اهڙي ئي صورتحال آهي. اها صورتحال گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي.
پبلڪ ھيلٿ کاتي طرفان سانگھڙ جي شھرين کي ڏنل 35 ڪروڙن جي لاڳت کان صاف پاڻي وارو منصوبو ڪوبه لاڀ ڏئي نه سگھيو، اڌ ۾ ڪم ڇڏي پاڻي واري اسڪيم بلديا حوالي ڪئي وئي آهي، پر بلديا انتظاميا به شهرين لا ڪجهه ناهي ڪيو. 12 سال اڳ سنڌ حڪومت طرفان مٺڙائو ڪئنال کان سانگھڙ جي واٽر سپلاءِ جي تلائن تائين 2 فوٽ جي پاڻيءَ جي پائيپ لائين لڳرائي وئي، پر ناقص ڪم ھئڻ ڪري اڪثر لائين ڦاٽڻ ڪري شھرين ڪوبه فائدو نه مليو. 5 مھينا اڳ واٽر سپلاءِ جو نظام بلديا حوالي ڪيو ويو، بلديا عملدارن ڪو قدم نه کنيو. بلديا جي چيف ميونسپل آفيسر جھانزيب بابر ٻڌايو ته پبلڪ ھيلٿ وارا پوري بجيٽ خرچ ڪري ويا، لائين جو مسئلو حل نه ڪيو، پبلڪ ھيلٿ وارن لکت ڏني ته لائين چالو ڪرڻ کانپوءِ واٽر سپلاءِ جو نظام ڏينداسين، پر هنن ائين نه ڪيو، ان ڪري روز پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو رهي ٿو. هي ته رڳو هڪ خبر آهي، جيڪا سانگهڙ جي حوالي سان رپورٽ ٿي آهي پر سنڌ جا ٻيا ڪيترائي شهر آهن، جتي به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آهي.

اسين سمجهون ٿا ته پيئڻ جو صاف پاڻي هر شهريءَ جو حق آهي ۽ ان کي ان حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سانگهڙ واسين لاءِ شروع ڪريل ڪروڙين رپين جي لاڳت واري پاڻي رٿا ترت مڪمل ڪئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو به ان ۾ رنڊڪون وجهي رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته سانگهڙ واسين جو اهو بنيادي حق آهي ته انهن کي پاڻي واري رٿا مڪمل ڪري ڏني وڃي ته جيئن اهي به پيئڻ جو صاف پاڻي پي سگهن ۽ مختلف بيمارين کان بچي سگهن. ٻي صورت ۾ سانگهڙ واسي ايندڙ وقت ۾ به پاڻيءَ لاءِ پريشان رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button