شوبز

پاڪستانيو آواز اٿاريو، وڃي عمران خان کي ڇڏايو: راکي ساونت

ڀارت ۾ تڪرارن مٿان تڪرارن کي جنم ڏيڻ ۾ ماهر ليکي ويندڙ اداڪارا ۽ ڊانسر راکي ساونت جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اها پاڪستاني عوام کي ٻاهر نڪرو ۽ عمران خان کي بچايو جو پيغام ڏئي رهي آهي. وائرل وڊيو ۾ راکي ساونت چئي رهي آهي تھ پاڪستانيو آواز اٿاريو، وڃي عمران خان کي ڇڏايو، اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿئي ها تھ سڀني جي بينڊ وڄائي ڇڏيون ها. وڊيو ۾ راکي ساونت کي اهو پڻ چوندي ٻڌي سگهجي ٿو تھ، پاڪستانيو، ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ بند ڪيو، اٿو، نڪري پئو ۽ عمران کي بچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button